صالح پٽ(رپورٽ) صالح پٽ لڳ ڳوٺ موالي ملاح جي ڳوٺاڻن جو بااثرن جي ڏاڍاين خلاف احتجاج خبر موجب صالح پٽ ڀرسان ڳوٺ موالي ملاح جي رهواسين غلام قاسم . انور ملاح. مرتضا ملاح . علي غلام ملاح ۽ٻين احتجاج ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان ابن ڏاڏن کان هن ڳوٺ ۾ آباد آھيون اسانجو ڳوٺ پاڪستان ھندوستان جي ونڊ ورڇ کان به اڳ جو آهي ليڪن بااثر ذاڪر رند . لطيف ڏنو رند ۽ ٻيا زبردستي اسان جي پلاٽ تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا جيڪو اسان اسڪول لاء مختص ڪيو هيو انهن تفصيل ڏيندي ٻڌايو ته هن پلاٽ تي اسڪول جي بلڊنگ منظور ٿي هئي جيڪا ڳالھ هنن کي نه وڻي ۽هنن اسان تي حملو ڪيو جنهن جي نتيجي۾ ھڪ عورت مسمات نيامت خاتون ۽ سبحان علي ملاح زخمي ٿي پيا هنن وڌيڪ ٻڌايو ته مذڪوره شخص خيرپور شادي شهيد جا رهواسي آهن هنن جاوڏا درگاه همت علي شاه جامتولي ھيا انهن کان بعد وري اها ئي گادي هنن جي حوالي آهي ليڪن هي فقيري جي نالي تي بد نما داغ آهن ڇاڪاڻ جو هي رات ڏينهن شراب . ڀنگ. چرس واپرائيندا آهن جنهن جي ڪري نئون نسل تباه ٿي رهيو آهي هنن ڊي آء جي سکر،ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو تہ خدارا واقعي جي شفاف انڪوائري ڪري اسان مسڪينن جي مدد ڪئي وڃي ٻئي طرف رند برادري جي معزز زاهد رند ٻڌايو ته اسان فيصلو ڪرڻ لاءِ تيار آھيون اصل کان همٿ سرڪار جي ڊيوٽي ڏيندا آهيون