سنڌ جي باغيانہ مزاج واري شھزور شھزادي
شھيد مير مرتضي ڀٽو 18 سيپٽمبر 1954ع تي زيتونن جي ھڳاءُ واري زرخيز زمين تي جنم ورتو..
شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جو وڏو فرزند مير غلام مرتضيٰ ڀٽو 18 سيپٽمبر 1954ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائو . شروعاتي تعليم سينٽ ميري اسڪول راولپنڊيءَ مان حاصل ڪيائين. جنهن بعد هن ’ اوليول ‘ جو امتحان 1971ع ۾ ڪراچي گرامر اسڪول مان پاس ڪيو. گـريـجـوئيـشن ڪـرڻ لاءِ هـارورڊ يونيورسٽي لنڊن پڙهڻ ويو، جتي 1976ع ڌاري ڊگري حاصل ڪيائين. بعد ۾ مير مرتضيٰ ڀٽو پنهنجي والد جي خواهش تي ڪرائسٽ چرچ ڪاليج آڪسفورڊ ۾ ايم لٽ جو ٽن سالن جو ڪورس پڙهڻ لاءِ ويو، پر ان دوران 1978ع ۾ سندس والد ذوالفقار علي ڀٽي کي پاڪستان جي لاهور هاءِ ڪورٽ پاران قتل جي ڪوڙي الزام ۾ ڦاهيءَ جي سزا ٻڌائي وئي، جنهن سبب مير صاحب اهو ڪورس اڌ ۾ ڇڏي پاڪستان وڃڻ لاءِ آتو ٿيو، پر پنهنجي عظيم والد جو پيغام مليس ته هو سندس آزاديءَ لاءِ بين الاقوامي طاقتن کي اعتماد ۾ آڻڻ لاءِ ٻاهر رهي ڪوششون ڪري. ان کان اڳ 5 جولاءِ 1977ع تي جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي جو تختو اونڌو ڪيو ويو ته مرتضيٰ ڀٽو پنهنجي خاندان وارن سان گڏ لاڙڪاڻي واري ’ المرتضيٰ هائوس ‘ ۾ موجود هو، جڏهن سندس والد کي گرفتار ڪيو ويو ته کيس والد حڪم ڪيو ته هو ملڪ کان ٻاهر هليو وڃي. ان سياهه دور ۾ جڏهن ڀٽي صاحب کي جنرل ضياءُ الحق جي سازش سان ڦاسي ڏني وئي ته ڏک ۽ ڪاوڙ وچان مرتضيٰ پنهنجي ڀاءُ مير شاهنواز سان گڏ جدوجهد جو آغاز ڪيو، جنهن جو مقصد جنرل ضياءَ کي رستي تان هٽائڻ هو. چيو وڃي ٿو ته سندن ڪن دوستن پاران ان جدوجهد سبب ’ الذوالفقار ‘ نالي تنظيم به ٺاهي وئي، ٻنهي ڀائرن پنهنجي تعليم ڇڏي آمريت خلاف للڪار ڪئي ۽ جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ پنهنجي همدردن جي حمايت به حاصل ڪئي، پر جنرل ضياءُ جا ارادا نه بدليا ۽ محترمه بينظير ڀٽو شهيد پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو هو ته کيس پنهنجي ٻنهي ڀائرن جي حياتيءَ جو فڪر رهندو هو، انهيءَ عرصي دوران ٻنهي ڀائرن ٻن سڳين ڀينرن سان شادي ڪئي، جيڪي نسلي طور افغاني هيون. ٻنهي کي هڪ هڪ نياڻي به ٿي. مرتضيٰ ڀٽي جي نياڻيءَ جو نالو فاطمه ڀٽو رکيو ويو. 18 جولاءِ 1985ع تي شاهنواز ڀٽو، جيڪو فرانس ۾ رهائش پذير هو، ان جو لاش سندس گهر مان مليو، جنهن بابت اهو محسوس ٿيو ته کيس زهر ڏنو ويو هو. جنهن کان پوءِ مير مرتضيٰ اڪيلو ٿي پيو. ان حادثي بعد مير مرتضيٰ پنهنجي پهرين گهر واريءَ کي طلاق ڏئي ڇڏي ۽ پنهنجي ڌيءَ کي پاڻ سان رکيو.
مير مرتضيٰ ڀٽو ڪجهه سال جلا وطن رهيو، ان دوران سندس شادي لبنان ڄائي غنويٰ ڀٽو سان ٿي. 1993ع ڌاري هو وطن موٽيو، سندس حمايتين هن جو ڀرپور استقبال ڪيو. سندس ڀيڻ محترمه بينظير ڀٽو ٻيهر وزيراعظم چونڊجي آئي، پر ان اليڪشن دوران هن محترمه بينظير ڀٽو سان ڪجهه نظرياتي اختلاف رکيا ۽ الڳ چونڊ وڙهي صوبائي سيٽ کٽي هئي، جڏهن ته پ پ ( شهيد ڀٽو ) کي منظم ۽ متحرڪ ڪرڻ لاءِ سرگرم رهيو. هو نهايت جوشيلو ۽ باهمت نوجوان هو ۽ اڪثر تقريرن ۾ آمريت ۽ ناانصافيءَ خلاف کهرو لهجو استعمال ڪندو هو. جنهن سبب ڪجهه ڳجها گروهه سندس خلاف هئا. آخرڪار 20 سيپٽمبر 1996ع جي رات جڏهن هو پنهنجي ساٿين سان گڏ ڪراچيءَ ۾ هڪ جلسي تان موٽي رهيو هو ته 70 ڪلفٽن ويجهو سندن رهائشگاهه وٽ پوليس ڪڙو چاڙهيو بيٺي هئي ، جنهن تي تڪرار بعد پوليس جي انڌاڌنڌ فائرنگ جو سلسلو شروع ٿيو . مير مرتضيٰ ڀٽو شديد زخمي ٿي پيو ۽ اسپتال ۾ ساهه پورا ڪيائين ۽ شهيد ٿي ويو . ساڻس گڏ سندس ڇهه ساٿي به اجل جو شڪار ٿيا . سندس مڙهه هزارين آلين اکين سان ڳڙهي خدا بخش ۾ دفنايو ويو.
ان سانحي کان پوءِ محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت کي شديد تنقيد جو منهن ڏسڻو پيو، ڀاءُ جي غم ۾ ورتل تڏهوڪي وزيراعظم بينظير ڀٽو جي حڪومت خلاف اها سازش ڪامياب ٿي، جنهن بعد پيپلزپارٽيءَ جي ئي چونڊيل صدر فاروق لغاريءَ اسيمبليون ٽوڙيون. هن وقت مرتضيٰ ڀٽي جي قائم ڪيل پارٽي پ پ ( شهيد ڀٽو ) جي سربراهه سندس بيوه غنويٰ ڀٽو آهي.
تون ڪڏهن ڪراڙو نه ٿيندين. تنهنجن ڀورن ناسي وارن ۾ چانديءَ جون اهي چند تارون واءُ ۾ وڄنديون رهنديون. تنهنجيون ڊگهيون ورانگهون اڄ به واريءَ جهڙي وقت جي صحرا تي صرف تنهنجن ٻن پيرن جا نشان ڇڏينديون رهنديون. تنهنجين ٻلوان ٻانهن مان هن ڌرتيءَ جا پهاڙ سدائين سگهه حاصل ڪندا رهندا. تنهنجي اها ڇاتي اڄ به طوفانن کي للڪاريندي رهندي. تنهنجو گرجدار آواز اڄ به ٻيلن مٿان ٻرندڙ بادلن جيان شور مچائيندو رهندو. تون ماٺ ڪئين ٿو ٿي سگهين؟ تون ان مٽيءَ مان جڙيو ئي نه هئين جيڪا سمجهوتي جي جهول ۾ جهري پوندي آهي. تون ته ان وٿ مان وجود ورتو هو، جنهن وٿ مان انقلابي خواب جنم وٺندا آهن. ڇا تنهنجي ڀيٽ هڪ سرخ گلاب سان ڪري سگهجي ٿي؟ تون ته بغاوت جي ڳاڙهي ڳٽول مند هئين. تون بهار جي مڪمل موسم هئين. تون سمنڊن جي سينن ۾ اٿندڙن طوفانن ۽ پهاڙن جي چوٽين تي لڳل باهين جهڙو سرڪش ۽ سرمست هئين!
تون جنهن جي وڇوڙي جي وهي جي ويھہ ورهيہ ٿي چڪي آهي . ويهه سيارا، ويهه اونهارا، ويهه سرءُ جو موسمون ۽ ويهه ساوڻ جا وسڪارا! گذري چڪا آهن پر پوءِ به ڪائي مون سون تنهنجي ان ريٽي رت کي ڌوئي نه سگهي آهي، جيڪا هن ڌرتيءَ سهاڳڻ وانگر پنهنجي سينڌ ۾ سيندور وانگر ڀري هئي .
وقت تو کي ڪڏهن به شڪست ڏئي نه سگهندو. سال توکي ڪڏهن پوڙهو نه ڪري سگهندا. تون جيڪو اڄ به هن ديس جي اٿاهه اداسيءَ ۾ هڪ چيهه جي چمڪي وانگر اڀري الوپ ٿي وڃي ٿو. تون جيڪو راتين ۾ خوابن جي کڙڪيءَ مان جهاتي پائي وري روپوش ٿي وڃين ٿو. تو کي ته خبر آهي. تون ته سمجهين ٿو ته هن سرشٽي جو هر جيءُ اڄ به تنهنجو منتظر آهي. هن کي اهو يقين آهي ته تون ڪڏهن به ۽ ڪنهن به وقت ڪهڙي به دور جي دروازي مان تيز قدمن سان داخل ٿيندين ۽ تون وڇوڙن جا سارا فاصلا ۽ جدائين جون سموريون واٽون هڪ ڇڪي سان ڇني ڇڏيندين ۽ تون وري هن ڌرتيءَ کي ڏيندين اها چمي جيڪا ويهه ورهيه اڳ اڌوري رهجي وئي هئي.
اتهاس جو اداس مورخ اڄ به سوچي ٿو ته هو تنهنجي باري ۾ ڇا لکي؟ ڇا تون ڪوئي شخص هئين؟ يا تون هڪ جذبو هئين؟ هو ماڻهن کي ته ماري سگهن ٿا پر انهن جي مالي خاني ۾ اڄ تائين اهڙو ڪو هٿيار موجود ئي ناهي جيڪو اميد جي ڇاتي ڇاڻي سگهي. جيڪو هڪ خواب جي وجود کي خاڪ ۾ تبديل ڪري سگهي. جيڪو انسان جي انقلابي احساس کي شڪست ڏئي سگهي. هو جيڪي هٿيارن هوندي به هيڻا آهن، انهن کي خوف آهي ته تون وري هن ديس جي مٽيءَ مان ائين پرگهٽ ٿي پوندين، جيئن برساتن کان پوءِ مٽيءَ جي دڙن مان عظيم تهذيبون دريافت ٿي پونديون آهن. جيئن ڪنهن پور جي رمز ۾ پوري ڪائنات جا راز پنهنجو پاڻ کي آشڪار ڪرڻ جي ضد ڪرڻ لڳندا آهن .
تون جنهن جو وڇوڙو هڪ عذاب جي موسم بڻجي هن ديس تي ڇائنجي ويو آهي. تون ته ڄاڻين ٿو ته تو پڄاڻان سياست سربازار وڪامڻ واري وينگس بڻجي وئي آهي. توکي ته خبر آهي ان ڪرپٽ ڪلچر پاڻ کي بچائڻ خاطر تنهنجو خون ڪيو. تون جنهن جي سيني ۾ هڪ نئين صبح جو سپنو هو. تون جنهن رات سان ڊگهي جنگ وڙهي هئي. تون جنهن جي اکين ۾ سدائين گلابي لڪيرون ڪنهن ماتمي شفق جي ياد ڏيارينديون هيون. تون جنهن پنهنجي جسم تي نه پر روح تي زخم سهي به وفا جو تحفظ ڪيو هو. تون صرف انسانن جي آدرشن جو ئي نه پر انهن جي وعدن ۽ انهن وچنن جو به تحفظ ڪيو هو، جيڪي هررات ڪچين ڪنگڻين وانگر وقت جي ويڻيءَ مان ٽٽي صرف اها ساک ڏيندا آهن ته “سياست ڪوڙي آهي” تو سياست کي سچو ثابت ڪرڻ لاءِ ڪيترا نه جوکا کنيا. تنهنجو مڌ ڪيترو نه متو. تنهنجا راڳ ڪيترا نه رتا.
ڇا ٿي پيو جو تون هن ملڪ جو حڪمران نه ٿي سگهين. حڪمراني انهن انقلابين آڏو هيچ هوندي آهي، جيڪي سپنن سان سرن جا سودا ڪندا آهن. تون ڪيترو نه مختلف ۽ ڪيترو نه منفرد ۽ ڪيترو نه مٿير مڙس هئين!!
اڄ به تنهنجي اکين سان هن ديس کي ڏسجي ٿو ته هڪ درڙي اڀري ٿي اچي. هي ديس جنهن جو درياهه هندوڪش کان وٺي سمنڊ جي هنج تائين انهن رنج ڀريل لهرن مان جڙيل آهي، جيڪي لهرون لڙڪن جي صورت آسمان جي اکين مان موسلاڌار مينهن بڻجي وسنديون آهن. اهي اکيون اڄ به انتظار جي ٽياس تي ٽنگيل آهن. اهي اکيون اڄ به ان پل جو اوسيئڙو ڪري رهيون آهن، جڏهن اچانڪ تون ايندين ۽ ڌرتي توسان ائين ملي ويندي جيئن منتشر ڌڻ ڌراڙ سان ملندو آهي .
هي اسان جو بي وقوفيون ۽ هي زماني جون بيوفائيون جن سبب اسان جا پنڌ منزلن جو پتو وڃائي ويٺا! پر منزلن ۽ مسافرن جي وچ ۾ وڇوٽيون آخر ڪيستائين جٽاءُ ڪري سگهنديون؟ ڇا هيءَ ڪرپٽ سياست جي ڪچي ديوار توکي ۽ تنهنجن خوابن کي گهڻي وقت تائين دور رکي سگهندي؟ اهو ممڪن ناهي!! جڏهن وڇوڙا جوان ٿي وڃن ته ملڻ جون واڌيون پاڻ وڌي اينديون آهن .
تون جنهن جي اچڻ جي اميد ۾ هي ديس ڏياريءَ جي ڏيئي وانگر ٻري پيو هو. تون جنهن جي وڇوڙي جي واءُ ۾ اهو ديپ دوهانٽجي ويو ۽ انڌيرو هن ديس جي ڌرتيءَ جي تهن تائين پيهي ويو. تون جنهن نئين سج جي لاک وانگر هڪ باک جي لوئي رتي هئي. تون جنهن جو لاش هن ڌرتيءَ تي ائين ڪريو، جيئن اوچتو آڪاش ڪري پئي ۽ سمورا ستارا ڪڻو ڪڻو ٿي وڃن ۽ چنڊ ٻه ٽڪر ٿي ڪنهن جهرڻي جي ڪاري پاڻيءَ ۾ ڪري ٻڏي وڃي.
تون جنهن کان پوءِ اسان هر رات پاڻ کي صرف اميد جو ٻل ڏنو آهي. تون جنهن کان پوءِ اسان کي صرف انهن لفظن جو سهارو ڪم آيو ته “عاشق ۽ شهيد موٽي ايندا آهن”
تون جو عاشق به آهين ۽ شهيد به! تون جو وقت جوپ وڍ به آهين ۽ مرهم به! تون جيڪو ڌرتيءَ جي چهري تي مکڙيءَ جهڙي مرڪ به آهين ۽ چهڪ جهڙو لڙڪ به! تون جيڪو ساحل جو انتظار به هئين ۽ سمنڊ جو ضد به! تون جنهن ديس جي گهر گهر ۾ هڪ گيت وانگر گونج پيدا ڪئي هئي. تو جنهن آرٽسٽن اکين ۾ اميدن جا ڏيئا ٻاريا هئا. تو جنهن سينين ۾ سپنن جا ٻڏندڙ سفينا تاريا هئا. تو ڌرتيءَ جا وچڙيل وار سنواري ان ۾ لکين ستارا سجايا هئا. اهي ملڻ جا سمورا سانگ تو سوا ڪيترا نه اجايا هئا. تون جنهن کي تمنا جو ٻيو قدم معلوم هو پر پوءِ به اهو فاصلو وچ ۾ وڇائي هليو وئين! تون جو هڪ تبديل ٿيندڙ موسم جي هوا جهوٽي وانگر آئين ۽ اتر جي طوفان وانگر هر چيز وکيري وئين! هاڻي سان پاڻ کي سميٽيون يا انهن ٽٽل اميدن کي ميڙيون يا انهن ساعتن کي سهيڙيون جيڪي تنهنجي موجودگيءَ سبب ڪچنار جي ڪلين وانگر ٽڙي پيو هيون ۽ تنهنجي وڃڻ کان پوءِ هاڻي هر پن سرءُ سبب سڪي ويو پر پوءِ به ان جو رنگ ڪنهن باهه جي شعلي جهڙي گل جهڙو ناهي!
تنهنجي اچڻ جو اطلاع جيڪو هن ديس جي ساعتن ۾ ڪنهن وقت کان پوءِ سنک سمان وڳو هو. تنهنجي وڃڻ سان درد ۾ ٻڏل هڪ وينا گذريل ويهه سالن کان وڄي رهي آهي. ڪنهن کي معلوم ناهي ته اها اداس سيمفوني اڃان گهڻي وقت تائين وڄندي رهندي. ڪنهن کي خبر ناهي ته اڃان تقدير جي ترڪش ۾ گهڻا تير آهن ۽ اڃان تدبير جي دل ۾ ڪيترو خون باقي بچيو آهي؟ ڪنهن کي ڪائي خبر ڪونهي!!
هاڻي ته تنهنجي وڇوڙي کي ويھہ ورهيہ گذري چڪا آهن. هاڻي ته توکي پراڻن واعدن جي واٽن تي واپس ورڻ گهرجي ۽ هيءَ سموري لوءَ جيڪي پنهنجي ميري سيري ۽ ڦاٽل ساٽل لوئيءَ سان لڱ ڍڪي درد ۾ ٻڌل اهو لوڪ گيت بڻجي وئي آهي، جنهن ۾ ان سياري جو تذڪرو آهي، جيڪو گوندر ۾ گذري ويو !
اهو لوڪ گيت جيڪو لاڙڪاڻي جي لڙاٽيل هوائن ۾ ڪنهن زخمي پرندي وانگر افق ۾ لهوءَ جي لڪير ڇڏيندو الوپ ٿي رهيو آهي. اهو وڇوڙي جو اهڙو گيت آهي، جنهن ۾ صرف نراس ناهي پر ان ۾ هڪ آس به آهي. هي سياسي ۽ سماجي ماحول جيڪو سينور ڀري هڪ گدلي ڍنڍ وانگر گهڻي وقت کان وٺي ان پٿر جو انتظار ڪندو رهيو آهي، جيڪو هن جو جمود ٽوڙي ۽ ان ۾ ڪا هلچل ۽ ان ۾ ڪي لهرون پيدا ڪري ۽ ان ۾ موجود اڇن اجرن ڪنولن سان مقدس ميلاپ ڪراي انهن پوپٽن جو، جيڪي جنم ئي ان ڪري وٺندا آهن ته جيئن اهي ڪيچڙ جي قيدي ڪنولن سان پيار جو وچن پاڙي سگهن .
۽ تون جيڪو هڪ قيدي ڪنول به هئين ۽ هڪ جلاوطن ڀوئنر به! تنهنجو ته درد جو هر رنگ سڃاتل آهي. توکي ته ڏک جي هر ڪيفيت جو علم آهي. تون ته سڀ ڄاڻين ٿو. تون ته مايوسيءَ جا سڀ روپ سروپ سڃاڻين ٿو. توکي معلوم آهين. تون ته ان اذيت جا سمورا رنگ روپ ڄاڻين ۽ سڃاڻين تون کان وڌيڪ ان پيڙا ڪنهن کي پتو ته جلاوطني ڇا ٿيندي آهي؟ جيءَ جي جلاوطني ڪهڙي ڪيفت ۾ جنم وٺندي آهي ۽ ڪهڙيءَ ريت اوچتو ئي اوچتو منزل آڏو ايندي تمام پري هلي ويندي آهي. تو ته وڇوڙي ۽ وصالن جي سمورين وادين جي واريءَ دڙن تي سرڪش هرڻن وانگر سرگردان سپنن جي هر پير جو سهڪو ٻڌو آهي. توکي هر ماٺ جي سيني ۾ کپي ويل سرد تير جو ازلي احساس آهي.
سنڌ جي ڪونڌر جوان پُٽَ مرتضي ڀٽو کي پنھنجي ڀيڻ بينظير جي حڪومت دوران ئي 70 ڪلفٽن ڪراچي جي روڊن تي 20 سيپٽمبر 1996ع تي رات جو پوليس مقابلي ذريعي شھيد ڪيو ويو.