ڪالم
ڇن م قطارا
دنيا جا قائدا قانون ۽ مذهب ڌرمن جا اصول، ذات پات معاشري جا رنگ روپ ھڪ زنده انسان ۽ ھڪ زندگيءَ لاءِ ضروري ھوندا آھن، ڪنھن به سماج ۾ رھڻ لاءِ ھڪ قطار ۽ ھڪ لائين توهان کي ھر اسڪول درسگاهه ۽ آفيس ۾ لڳل ملندي، جنهن جا ڪجھه طريقا واضع لکت ۾ رٽيل ضرور ھوندا ھڪ ورلڊ قانون ۽ ضابطي تحت، اھا ٻي ڳالھ آھي ته طاقتور لاءِ ڪٿي به ڪو قانون ناھي ھوندو، قائدا قانون پاور فل گھٽ طاقت رکندڙن تي آزمائي استعمال ڪندا آھن، اھا ٻي سگھه ۽ طاقت آھي جو خدا جو قانون بي آواز ۽ اوچتو نافذ ٿي نروار ڪري ويندو آهي مظلوم ۽ ظالم کي، باقي وقتي طور پريشاني اچڻ رب جي قانون جي فطرت آھي، پر نااميدي ناھي ان ٻڌڻ ۽ ڏسڻ ۾ ته ھيڏي دير ڇو ٿي؟ تاريخ جا ورق شاھد آھن ته ظالم کي ظلم ئي ناس ڪيو ھوندو ۽ مظلوم کي سرخروئي رب پاڪ بخشي ھوندي، پر استقامت ۽ يڪسانيت ھئڻ ضروري آھي جنھن کي صبر چيو ٿو وڃي.
ڪربلا جي ظاھري ۽ باطني فتح ظاھر پئي ڪري ھارڻ وارو کٽي ويو ۽ کٽڻ وارو ھميشه پنھنجي ھم خيالن سان رھندڙ دنيا تائين ھارائي ويو، حسينيت نه مٽندڙ سچ سج وانگر ٿي چمڪندي رھندي ۽ يزيديت ڪوڙ فريب مڪر تحت پسِ پرده خوار ۽ ذليل ٿي ڄڻ مقدر ۾ لکجي وئي، ڪنھن به مقصد لاءِ فڪر ۽ فھم يڪسانيت ۽ ھڪجھڙائي ھئڻ ئي ھڪ ڪاميابي جو اڻ کٽ ٿيڻ وارو راز آهي جنهن کي ھميشه عظيم بڻجندڙن يا انهن جي رستي تي صاحبِ اختيارن سنڀالي رکيو، شاهه صاحب جي ان سيٽ مثل، “ڇن م قطارا” ھڪ لائين جيڪا تنھنجي رھبر، تنھنجي استاد، تنھنجي فڪر، تنھنجي فلسفي توکي ڏني جيڪڏهن تو عارضي تڪليفن جي ڪري اُھا ائين ئي قطار ٽوڙي ڇڏي ته مطلب الڳ ٿي وئين ته رابطو ۽ ڪنيڪشن ختم، رابطو ۽ حال احوال منقطع، زندگي جي نظام ۾ وڏي وڇوٽي پيدا ٿي ويندي، صحبتِ يار تبديل ٿيڻ ئي فڪر ۽ فلسفي جو مرڻ آھي، نظريو تبديل ٿي ويو بي زر کي زر جي تلاش، مسڪين کي امير ٿيڻ جي تمنا، پيادل کي سواري جي طلب، جيتوڻيڪ خواھشات جي وڏي قطار ۾ اچڻ ۽ اصلي قطار کان لاتعلق ٿيڻ جي سزا طور ھڪ اھڙي اڻ کُٽ ڳپ ۾ قابو ٿيڻ جنھن مان نڪرن بنھه مشڪل.
ٻي طرف قطار ۾ بيٺل اُٺ جنهن تي کڻي ڀلي ڪيڏو سامان ٿاپيل ڇو نه ھجي منزل مقصود تي پنهنجي سالار سان گڏ سڀ بار ڀرجڻ ساڻ پھچندو، اھا ئي سمجھ هڪ صوفي ڏيڻ چاھي ٿو ته ان سوچ ۽ پختگي سان ھلڻ سک، جلديءَ ۾ قطارون ۽ لائينون ٽوڙي الڳ نه ٿي، نه ته ھن ريگستان جھڙي سماج ۽ زندگيءَ ۾ تنھا ۽ اڪيلو ٿي ويندي.
روميءَ جي اوطاق مان نڪرندڙ وقت خدن خفتي ۽ خالو ھوٽل واري چيو ته اڄ درويش جي سڄي گفتگو جو ڄڻ سڄو رخ لکاڏني ۽ سرمائي سائينءَ ڏانھن ھجي، جن عزتون لوڀ تي وڪڻي وڃي ذلتون ورتيون ھاڻي ڪڏھن ڪنھن جي قطار ۾ ته ڪڏھن ڪنھن جي قطار ۾، ڪتو نه گھر جو نه گھاٽ جو.