/شڪارپور18 سيپٽمبر صوبائي وزير ٽرانسپورٽ اويس قادر شاهه ۽ وزير اعليٰ سنڌ جي خاص معاون حنا دستگير پاران ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور جي احاطي ۾ کُلي ڪچهري
سڄي سنڌ واپڊا وارن جي ستايل آهي، بجليءَ جا بل اوڳاڙڻ باوجود، بجلي فراهم نٿي ڪئي وڃي.ڪارو ڪاريءَ خلاف اسيمبليءَ مان قانون پاس ڪرايو، قبائلي تڪرار پڻ ختم ڪرائينداسين. صوبائي وزير اويس قادر شاهه
ڪراچي، حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻي ۾ بس اسٽينڊ تعمير ڪرائي رهيا آهيون. شڪارپور ۾ سرڪاري زمين ڏني وڃي ته بس اسٽينڊ ٺهرائينداسين. اويس قادر شاهه
شڪارپور ۾ بجلي صرف 6 ڪلاڪ آهي، اسڪارپ سبب ٻهراڙيءَ جي علائقن ۾ ٻوڏ واري صورتحال آهي. ضلعي ۾ امن امان، موٽر سائيڪل ڦر، اسڪولن ۾ استاد ۽ بلڊنگس نه هجڻ، بي ايڇ يو ۾ دوائون اڻلڀ هجڻ جون شڪايتون.
کُلي ڪچهريءَ ۾ ماڻهن پاران سيپڪو، ايجوڪيشن ورڪس، صحت، پوليس، ايريگيشن، اسڪارپ، ٽرانسپورٽ، پبلڪ هيلٿ، ميونسپل ۽ تعليم جي ادارن خلاف شڪايتون.
ايڪسين سيپڪو خلاف نعرا، 100 کان وڌيڪ شڪايتون جن ۾ 70 کان وڌيڪ ٻڌيون ويون.
تفصيل موجب اڄ صوبائي وزير ٽرانسپورٽ اويس قادر شاهه ۽ وزير اعليٰ جي معاون خاص حنا دستگير ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور جي احاطي ۾ کُلي ڪچهري منعقد ڪئي. کُلي ڪچهريءَ کي خطاب ڪندي صوبائي وزير سيد اويس قادر شاهه چيو ته سنڌ واپڊا جي ستايل آهي. هن چيو ته عوام کي بجليءَ جا ڳرا بل موڪليا وڃن ٿا پر بجلي فراهم نه ٿي ڪئي وڃي. هن چيو ته پ پ حڪومت ڪاروڪاريءَ خلاف اسيمبليءَ مان بل پاس ڪرايو. جڏهن ته قبائلي جهيڙن خلاف قانون پاس ڪرائيندي صوبائي وزير ٽرانسپورٽ اويس قادر شاهه چيو ته اڄ سيپڪو، ايجوڪيشن ورڪس، صحت، پوليس، ايريگيشن، اسڪارپ، ٽرانسپورٽ، پبلڪ هيلٿ، ميونسپل ۽ تعليم جي کاتن خلاف شڪايتون موصول ٿيون آهن. انهن مسئلن جي حل لاءِ موقعي تي احڪامات جاري ڪيا آهن. جڏهن ته ڪجهه شڪايتون ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ۽ لاڳاپيل کاتي جا عملدار هڪ هفتي اندر حل ڪندا.
کُلي ڪچهريءَ ۾ شڪايتون ڪندي الاهي بخش شيخ، ميڊيڪل سپريڊنٽ ڊاڪٽر نورالدين، واپاري اڳواڻ ڀٽائي بازار روي ڪمار ۽ ٻين شڪايت ڪندي چيو ته ايڪسپريس لائين جي نالي تي ڳرا بل موڪليا وڃن ٿا پر شهر اندر صرف 6 ڪلاڪ ۽ ٻهراڙيءَ ۾ 3 ڪلاڪ بجلي فراهم ڪئي وڃي ٿي. هن چيو ته سيپڪو جا عملدار بجلي چوري ڪرائڻ ۾ ٻڌل آهن. ميڊيڪل سپريڊنٽ سول اسپتال ڊاڪٽر نورالدين ابڙو چيو ته سرڪار پاران 100 فيصد بل جمع ڪرائڻ باوجود لائيٽ فراهم نه ٿي ڪئي وڃي ۽ 18 ڪلاڪ جنريٽر هلائي نٿا سگهون. ان حد تائين جو مريضن جو آپريشن به نٿا ڪري سگهون. ميونسپل شڪارپور بابت شڪايتون ڪندي پيٽرول پمپ ايسوسيئيشن لاڙڪاڻي ڊويزن جي صدر ڊاڪٽر غلام رسول ۽ جگنو شادي هال جي مالڪ سليم شيخ شڪايت ڪئي ته ميونسپل شڪارپور ڏانهن ٻن سالن جون لکين روپيا رهتو آهن جيڪي ادا نٿيون ڪيون وڃن. هنن چيو ته اسان پيٽرول پمپ ۽ شادي هال ادائگي نه ٿيڻ جي صورت ۾ هڙتال ڪنداسون. امن امان جي مسئلي تي ڳالهائيندي جهلي ڪلواڙيءَ جي سيف الله ابڙو، لياقت علي جتوئي، رضوان جمالي، ڪاوش ڪي ٽي اين جو رپورٽر زاهد نون، پ پ پ تعلقه صدر لياقت ميمڻ چيو ته سکر ۽ لکي وچ ۾ 10-10 موٽر سائيڪلون ڦر ٿين ٿيون، جهلي ڪلواڙي، رُڪُ، حبيب ڪوٽ ۾ بدامني آهي. انهن علائقن جا پوليس عملدار ڏوهارين سان مليل آهن انهن کي هٽايو وڃي. صحافي زاهد نون چيو ته ماوراءِ عدالت قتلن سان امن امان بحال نٿو ڪرائي سگهجي. سنڌ اندر ڪچي جا 48 ٿاڻا پنهنجي حقيقي جاين تي تعمير ڪرايا وڃن ته امن امان جو مسئلو حل ٿي سگهي ٿو. رضوان جماليءَ چيو ته قبائلي جهيڙن سبب مرزاپور، حبيب ڪوٽ ۽ ٻين علائقن جي تعليم تباهه آهي، اسيمبليءَ مان قانون پاس ڪرائي قبائلي جهيڙا ختم ڪرايا وڃن. کُلي ڪچهريءَ ۾ ايريگيشن بابت شڪايت ڪندي نذير احمد عباسي چيو ته سنڌ واهه مان نڪرندڙ جاڙو واهه ۽ لکي مائينز نڪرن ٿا، جن ۾ لکي مائينز پاڻيءَ جي سطح کان مٿي ٺاهي وئي آهي ۽ چئن سالن کان پاڻي چڙهي نٿو انڪري چار ديهون بلڪل غير آباد آهن. سب انجنيئر کان وٺي چيف انجنيئر تائين کي لکيو آهي پر ڪوبه تدارڪ نٿو ٿئي. ان موقعي تي صوبائي وزير آبپاشي کاتي جي آفيسرن بابت پڇا ڪئي جيڪي غير حاضر هئا. صوبائي وزير ان موقعي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور کي هدايتون ڏنيون ته هاڻي ئي ليٽر جاري ڪري سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ايريگيشن آفيسرن خلاف ڪاروائي ڪرڻ بابت لکيو وڃي.
صوبائي وزير ٽرانسپورٽ اويس قادر شاهه ۽ وزير اعليٰ سنڌ جي خاص معاون حنا دستگير پاران ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور جي احاطي ۾ کُلي ڪچهري
Leave a comment