تحرير : دائم درسائي ٻرڙو صبح جهڙا اُجرا ڪردار ، ڪوڙ جي جھڙ ۾ ڪڏهن به لڪي ناهن سگھندا . ساهتي سنڌ جي سونهن آهي. هن مٽيءَ جي ماڻهن هر دور ۾ هر ماڻهوءَ کي مانءُ ڏنو آهي. ساڻن ويساهه گھاتي ڪندڙن کي وقت وائکو ڪيو آهي. ڪالهه جا ليڊر ان وقت وائکا ٿي پيا جڏهن سچ جي ساٿاري ۽ جمهوريت جي حامي _ محترم ضياءُ الحسن لنجار هت پنهنجا پير رکيا. ضياءُ الحسن لنجار جو تعلق ان پارٽي سان آهي جنهن جي قائد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو _ عوام کي منهن ۾ زبان ڏني _ مطلب ته، هن کان اڳ عوام جي منهن ۾ زبان ته هئي پر اها ڪنهن پير ، مير . وڏيري ۽ سردار اڳيان ڳالهائي نه سگھندي هئي. ڀٽو صاحب سياست جي ميدان ۾ اچڻ شرط عوام کي پنهنجن حقن جي حاصلات ۽ حفاظت جو شعور ڏنو. عوام کي جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو جهڙي عوامي اڳواڻ جو ساٿ مليو ته، هن هر جابر اڳيان پنهنجن حقن جي حاصلات لاءِ ڳالهائڻ شروع ڪيو. ائين ملڪ ۾ عوامي حڪومت جو راج قائم ٿيو. مظلوم جي آواز کي سگھه ملي. جنهن اڳتي هلي آمريتي ايوان لوڏي وڌا . ساهتيءَ جو عوام به ضياءُ الحسن لنجار جي آمد کان اڳ، اهڙي ئي آمريتي عطاب هيٺ هيو. جنهن جي منهن ۾ زبان ته هئي، پر اها ڳالهائڻ جي سگھه نه هئي. هن مرد مجاهد کين آٿت ڏيندي چيوته : آئون اوهان کان ووٽ وٺڻ نه پر ، اوهان کي اوهانجا حق ڏيارڻ آيو آهيان. اوهانجي تقدير تبديل ڪرڻ لاءِ پارٽيءَ جي اعلي قيادت مونکي هت مقرر ڪيو آهي. مسئلن جي ماريل عوام کي جڏهن اهڙي آٿت ملي ته هو روڊن تي هجومن جي صورت ۾ نڪري آيا. ۽ انهن سردارن اڳيان ٿي بيهي رهيا. جن صدين کان مٿين ظلم پئي ڪيا. ضياءَ الحسن لنجار کي توڙي جو اڻ ڏٺل ماڻهن کان ساهتي خالي ڪرڻ جهڙيون ڀڀڪيون به مليون پر هن مرد حر چيو ته، آئون هتي ٻيڙيون ساڙي پهتو آهيان. واپسيءَ جي ڪابه واهه ناهي . هاڻ فتح يا شڪست _ توسان هڪ هڪاڻي ڪبي. عوام جي ساٿ ثابت ڪيو ته، ضياءُ الحسن لنجار ساهتيءَ جي مجبوري آهي جنهن جو هت رهڻ ضروري آهي. لنجار هائوس مورو ان جو ثبوت آهي. ساهتيءَ جي عوام جي آڌي _ مانجھي مالڪي ٿيندي رهي . عوامي محبتن جو هي سلسلو پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي سهڪار سان جاري آهي. ساهتيءَ لاءِ ضياءُ الحسن لنجار جي ڪيل ڪمن جو رڪارڊ ۽ علائقن جي روڊ رستن ، ڳوٺن ۽ شهرن جي چوڪن تي لڳل ‘افتتاحي پٿر’ گواهه آهن. ساهتيءَ جي ترقيءَ جو ٻيو دور ڪرونا جي خاتمي کان پوءِ شروع ٿيندو . محترم ضياءُ الحسن لنجار، عوام کي وڏيرن جي گھاڻي ۾ پيڙهجڻ کان بچائي _ نئين زندگي ڏانهن وٺي آيو. هاڻ ساهتيءَ جو عوام پاڻ اهي سڀ سياسي، سماجي ڪم ڪري رهيو جن لاءِ ڪالهه هو، تڪ جي وڏيرن جي درن ۽ اوطاقن تي ويندو هيو. هاڻ هو لنجار هائوس مورو کي پنهنجو عوامي مرڪز بڻائي چڪو آهي جتان ساهتيءَ جي سونهن وڌائڻ ۾ سرگرم آهي . عوام جي ساٿ ۽ سهڪار سان محبتن جو هي سلسلو قائم رهندو. پ پ پ جا مخالف ٿڪجي پيا پر، لنجار صاحب جي وک ناهي ٿڪي ، هن جي منزل عوام جي سوچن کان به اڳتي آهي . هن سٽ جيان ته:اسان جي منزل اڃان به اڳتي ، لکن ڪروڙن وکن کان اڳتي ، محبتن جو هي قافلو آ ، ڪڏهن نه ٿڪبو، ڪڏهن نه ٿڪبو.