خيرپور ( ڊر ) ڪوٽڏيجي ۾ پورهيت جي گهر تي بااثر قبضا مافيا ۽ هٿياربندن جو حملو، عورتن ،معصوم ٻارڙن ۽ گهر ڀاتين تي تشدد، 2 عورتن سميت 5 ڄڻا زخمي، ڪوٽڏيجي پوليس زخمين جي فرياد وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليس پورهيت جي پٽ کي کجور منڊي کان واپس ايندي کنڀي گم ڪري ڇڏيو، ظلم خلاف آواز اٿارڻ تي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، متاثر خاندان جو احتجاج، انصاف جي گهر خبر موجب ڪوٽڏيجي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڄام خان رڏ جي رهواسين مسمات حسينه خاتون ، ندا خاتون،آمنه ،عشرت، بخش علي رڏ، محمد ابراهيم، غلام قاسم، ارشاد حسين رڏ ۽ ٻين ميڊيا آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي ٻڌايو ته علائقي جي بااثر قبضا مافيا وڏيرو جنسار رڏ،مختيار علي رڏ، مقبول ،ضمير، شرفو رڏ ،ڪوٽڏيجي ٿاڻي جي بااثر صوبيدار اختيار علي رڏ پنهنجي ساٿي هٿياربندن جي مدد سان اسان جي 6 ايڪڙ کان وڌيڪ ايراضي واري مڇيءَ جي فارم تي زبردستي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا، روڪڻ تان مخالف ڏمرجي پيا آهن، هنن ٻڌايو ته جوابدارن هٿيارن جي زور تي 2 ڏينهن اڳ اسان جي گهرن تي حملو ڪري اسان جي عورتن ،معصوم ٻارڙن ۽ گهر جي ڀاتين تي تشدد ڪيو،تشدد ۾ مسمات ندا خاتون جي ٻانهن ڀڄي پئي آهي، جڏهن ته نوجوان علي عباس جو پير ڀڄي پيو آهي، جنهن سميت 5 گهر ڀاتين کي زخمي ڪرڻ بعد جوابدار خاموش رهڻ لاءِ ڌمڪيون ڏيندا فرار ٿي ويا، هنن ٻڌايو ته زخمين سميت اسان ڪوٽڏيجي پوليس وٽ واقعي جي فرياد کڻي وياسين ته پوليس الٽو اسان کي دڙڪا داٻا ڏئي موٽائي ڇڏيو، مظاهرين چيو ته اربعه ڏينهن پورهيت ارشاد رڏ جو پٽ کجي جو واپاري الاهي بخش عرف مصري خان رڏ کجور منڊي مان دلال کان هڪ روپيه وٺي گهر اچي رهيو هيو ته بااثر صوبيدار اختيار علي رڏ ڪوٽڏيجي پوليس جي مدد سان الاهي بخش کي رستي مان کنڀي لاڪ اپ ڪري مٿس ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي هنن ٻڌايو ته بااثر قبضا مافيا وڏيري جنسار رڏ جا ڏوهارين ۽ پوليس سان واسطا آهن جنهن ڪري وڏيرو اسان کي قتل ڪرائڻ، وڌيڪ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ۽ سخت نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون پيو ڏي، مظاهرين چيف جسٽس آف سنڌ هاءِ ڪورٽ، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي خيرپور سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي اسان کي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي،