گمبٽ: (رپورٽ جميل ڄامڙو) گمبٽ لڳ نئون ڳوٺ پڻاڻو ۾ مختلف برادرين جي ڳوٺاڻن ۽ دڪاندارن جو بااثر جي زيادتين خلاف دڪان بند ڪري روڊ بلاڪ ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪيو. وس وارين اختيارين کان بااثر خلاف ڪاروائي ڪرڻ جي اپيل، تفصيل موجب: گمبٽ ڀرسان نئون ڳوٺ پٺاڻو ۾ مختلف براديرن جي ڳوٺاڻن ۽ دڪاندار پنھنجا دڪان بند ڪري محمد پڃيل تنيون ارشد پٺاڻ محمد يعقوب رياض حسين تنوير علي تر جي بااثر جي ناجائزين خلاف سوڀوديرو اڳڙا لنڪ روڊ بلاڪ ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاج ڪندي صحافين اڳيان داهيندي چيو تہ هتان جو بااثر ستار شيخ ڀرپاسي جي ماڻھن لاءِ عذاب بڻيل آھي جنھن دڪان تان سامان ۽ سبزي خريد ڪري ٿو ان کي پيسا نہ ٿو ڏئي پيسا گهرڻ تي پوليس کان نشي جي ڪيس ۾ گرفتار ڪرائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آھي هنن چيو تہ ڪجهہ ڏينھن هن هوٽل تي سڀني جي سامھون پاڻ شراب پئي خالي بوتل هوٽل تي رکي پوليس هٿان هوٽل مالڪ کي گرفتار ڪرايو سڀني کي ڌمڪيون ڏيندي چيائين تہ جيڪو مون کان پيسا گهرندو ڀتو نہ ڏيندو ان سان اهڙو ئي حشر ٿيندو هُن غريب پيسا ڏئي پوليس کان پنھنجي جان ڇڏرائي هنن وڌيڪ چيو تہ ستار شيخ ھڪ بااثر ماڻھون آھي پوليس سان هن جا سٺا تعلقات آھن ڏوهاري قسم جو ماڻھو آھي سندس مٿان مختلف ضلعن جي ٿاڻن تي ڏهہ ڪيس داخل آھن ۽ سندس ڀاءُ تي ڇائيتاليھہ ڪيس داخل ٿيل آھن هنن ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور ميرس کان مطالبو ڪندي چيو تہ هن بااثر خلاف قانوني ڪاروائي ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي