ٺري ميرواھ: (بيورو رپورٽ) غير قانوني لوڊ شيڊنگ خلاف ڳوٺاڻن جو گرڊاسٽيشن اڳيان احتجاجي ڌرڻو ايل ايس جاويد موجائي کي هٽائڻ جو مطالبو تفصيل موجب بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ خلاف ڳوٺاڻن ٺري ميرواه گرڊاسٽيشن اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي ڌرڻو هنيو هنن چيو ته بوزدار وڏا ۽ مينگهو فقير فيڊر جي ڳوٺاڻن پاران بجلي چئن ڏينهن کان بجلي غير قانوني بند هجڻ خلاف ٺري ميرواھ گرڊ اسٽيشن آڏو احتجاجي ڌرڻو چئن ڏينهن کان بل پيارڻ باوجود ڪيترن ئي ڳوٺن جي بجلي بند ڪرڻ خلاف رضا شر جي اڳواڻي ريلي گرڊ اسٽيشن اڳيان ڌرڻو هنيو سخت گرمي ۾ بجلي بند ڪرڻ سبب سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آھيون بجلي بحال ڪري انصاف ڪيو وڃي مُظاهرين بل پيارڻ باوجود ايل ايس جاويد موجائي بجلي ڪاٽا ڪري ڇڏي آھي ڪرپث عملي کي هٽائي بجلي بحال ڪئي وڃي.