گمبٽ جي ڳوٺ رسول بخش ناريجو جي رھواسين عورتن ۽ مردن جو کھڙا ٿاڻي جي جاچ آفيسر خلاف احتجاج کھڙا پوليس اسان جي اغواڪندڙ نينگريءَ جي جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آھي بااثر ۽ پوليس پاران ڌمڪايو پيو وڃي متاثرن جو بتي ٻاري صحافين اڳيان انوکو احتجاج انصاف نه ملڻ جي صورت ۾ پاڻ مٿان باھ ڏئي ساڙڻ جو چتاءُ اختيارين کان انصاف جو مطالبو خبر موجب گمبٽ جي ڳوٺ رسول بخش ناريجو جي رھواسين عورت عجيبا خاتون ستاران خاتون منور ناريجو طيب ناريجو گمبٽ ۾ چٽي ڏينھن بتي ٻاري صحافين اڳيان انوکو احتجاج ڪندي دانھيندي الزام ھنيو آھي ته پنج ڏينھن اڳ جوابدارن گداحيسن صداحيسن ناريجو ۽ ٻين اسان جي 11سال نينگري عظمت خاتون کي اغوا ڪري ويا آھن جوابدارن خلاف کھڙا ٿاڻي تي نينگري جي اغوا جي FiR ٿيل آھي پر کھڙا ٿاڻي جو جاچ آفيسر جميل احمد جوڻيجو جو جوابدار ڌر سان ٻٽ بڻيل آھي اسان کان اغوا جي جاچ ھڪ لک رپيه رشوت گھري رھيو آھي اسان غريب آھيون رشوت نٿا ڏئي سگھون اسان کي انصاف ملڻ بجاءِ جاچ آفيسر پاران ڌمڪايو پيو وڃي ھنن ايس ايس پي خيرپور ۽ ٻين وسوارن کان ننيگريءَ جي باز يابي ۽ انصاف جو مطالبو ڪيو آھي ٻئي طرف متاثرن پاران انصاف نه ملڻ جي صورت ۾ پاڻ مٿان پيٽرول ھاري باھ ڏيڻ جو چتاءُ ڏنو آھي