نواب شاھه (ھه آ)ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد عامرحسين پنھور عوامي شڪايتن تي اڄ اوچتو دوڙ شھر جي مختلف علائقن جو دورو ڪري تعمير ٿيندڙ ڊگري ڪاليج ۽ اسٽارڪالوني وچ ۾ جڙندڙ چوديواري جو معائنو ڪيو ان موقعي تي پ پ پ ضلعي صدر علي اڪبر جمالي ۽ ڊگري ڪاليج جي پرنسپل مسئلن بابت ڊپٽي ڪمشنر کي آگاهي ڏني ڊي سي شھيد بينظيرآباد اسسٽنٽ ڪمشنر دوڙ کي مسئلي جي حل لاءِ ڪاميٽي ٺاھي رپورٽ ڏيڻ جي ھدايت ڪئي بعد ۾ ڊپٽي ڪمشنر دوڙ شھر ۽ رضا آباد ڪالوني کي ملائيندڙ ريلوي ڦاٽڪ تي فلائي اوور پل جي تعمير واري ھنڌ ۽ مختيارڪار روينيو آفيس دوڙ جو دورو ڪري سيل رڪارڊ ۽ تپيدارن جي آفيسن جو معائنو ڪيو ان موقعي تي صفائي جي ناقص صورتحال ۽ رڪارڊ محفوظ نه ھجڻ تي تپيدارن ۽ عملي کي ڇنڊ پٽيندي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته آفيسن جي صفائي واري نظام کي بھتر بڻايو ۽ عوام جا مسئلا فوري طور تي حل ڪيو ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظير آباد عامر حسين پنهور ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي چيو ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر عذرافضل پيچوھو جي ھدايتن تي دوڙ شھر ۽ رضا آباد ڪالوني کي ملائيندڙ ريلوي ڦاٽڪ جي مٿان جلد فلائي اوور جي تعمير جو ڪم شروع ڪيو ويندو هن وڌيڪ چيو ته هن جاءِ جو دورو ڪري ريلوي انتظاميا کي خط لکي ڪري اين او سي ورتي ويندي ھن وڌيڪ چيو ته ضلع جي عوام جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن تمام جلد تعلقن جي ھيڊڪوارٽرن ۾ کلي ڪچھريون منعقد ڪري عوام جون شڪايتون ٻڌي حل ڪيون وينديون ھن اسسٽنٽ ڪمشنر کي هدايت ڪئي ته شھرجي آبادي وارن علائقن ۾ صفائي سٿرائي جي نظام کي بھتر بنائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن بعد ۾ ڊپٽي ڪمشنر عامر حسين پنهور تعلقي دوڙ جي ٻانڌي رورل ھيلٿ سينٽر جو پڻ دورو ڪري صحت جي سهولتن بابت جائزو ورتو ۽ عوام کي بهتر صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ اسپتال انتظاميه کي هدايتون جاري ڪيون.