ڪالم
هيڏا ھاڃا ڀري ھن ڀنڀور ۾
سيد غلام حيدر شاھ قلندري
جڏھن انسان انساني تقاضائن جي ابتڙ حيواني گھرجون رکڻ شروع ڪندو ته يقينن انساني آنڊي يعني معدي جي جڳهه تي ڪنھن وڏي جانور واري اوجھري جي ضرورت پوندي، حوص ۽ حرص جي نه کٽندڙ راند جي ميدان تي ٽرپل اننگ کيڏڻ لڳندو ته پويان ايندڙ بيٽنگ لائين صرف اوسيئڙو ئي ڪري انتظار ۾ وقت ضايع ئي ڪري سگھي ٿي، وري ڪنھن ٻي راند ۾ سٺي گيم جي آسري تي پر اتي به وري اھو ساڳيو رانديگر وري حرص ۽ حوص جي وڏي اننگ سان ميدان ۾ لھي پوءِ مڙئي خير ئي خير.
ائين ٽيسٽون مڙئي ٽيسٽون ٽيچرس جون ھجن يا ڊاڪٽرن صاحبان جي پيڊ تي لکيل ھڪ چڱي ڀلي مريض کي ليبارٽريز ڏانهن موڪليل ڪاغذ، مطلب ته مجاھيندڙ ٽيسٽون، ھڪ ته جيب تي نظر وري پويان گھر ۽ ڀاتي، ڀاڙا ۽ بغير ناشتي جي رننگ پاس آئوٽ ڪرڻ وانگر، ويچارڙي امڙ يا ادي بغير کير ۽ اٽي جي ھڪ ڀاءُ کي ناشتو يا چانھ صبح سويري ڪٿان آڻي ڏئي، پر جيئن جو تئين وڃين قطار ۾ لڳجي ته دل ۾ وڏيون حسرتون ڀيڻن جون شاديون امڙ ۽ ابي جا ڏکيا ڏينهن، مٿان وري پنهنجا ٽٽل جوڙا، ٻي طرف بيٺل اُھي سڀ اڳئي بي سر روزگار ڪو ڪنھن آفيس ۾، ڪو ڪنھن آفيس ۾، گاڏين ۽ سوارين ۾ خوشبوءِ جي ھٻڪار ۽ پينٽن شرٽن جي جھُمَڪُ ۾ ٽيڪيل پر پوءِ به خواھشمند آيل انھن نوڪرين جا من ڪو وجهه يا جھٽ لڳي پوي.
ھڪ ته تياريون ڏوڪڙن تي ٻي طرف اوجاڳا ۽ ڪم ڪاريون، جي ڪن تياريون ته پويان گھر ۾ ويٺل ڀاتين جو ڇا ٿئي؟ بس ھڪ اڻ ترس واري معاشري ۾ ھڪ ترسيل ويچارڙو انسان، جيڪڏھن ڪنھن سٺي انسان جي تربيت کان محروم رھيو ته وڃي خود ڪشي جي فنڌي کي پھچندو، پوءِ وڏا ڏاھا ڳوليندا ته پوئتي پيل علائقن ۾ خود ڪشين جو رواج ڇو وڌيو؟ ڪڏھن ڪنھن سوچيو آھي ته انبن جي ذائقن مان ڪيترن ذائقا چکيا؟ پر ڪڻڪ جو ذائقو به ملاوٽ جي ور چڙھي ويو ھجي ته باقي ڇا بچيو؟ ڪانفرنس وارا منرل بوتلن واري پاڻي مان ٿڌن ڪمرن ۽ ھالن ۾ تقريرون ۽ ٽھڪڙا ڏيندين، مٿان وري طرحين طرحين جا طعام کائيندي، پھرين پيٽ پنهنجو پوءِ ٻار ٻچا چوندي، ٽي. اي. ڊي. اي ڪري ھلندا رھن، پوءِ اتي وري اھڙا ترس کائڻ وارا انسان جيڪي بغير لوڀ لالچن جي دلاسا ۽ پڄو ڏيندين جن وٽ سواءِ اميدون ۽ دعائن جي ٻيو ته ڪجهه ڪونھي پر نااميدي ناھي، مسلسل تتي ٿڌي ڪاھڻ تي آمدہ آھن اھي ئي تسليون ۽ دلاسا دل کي جھليو بيٺا آھن، اڃان ڪي آھن ويٺل منجھ اوتارن.
اڄ جڏھن درويش کي روئيندي تولو مولو کي نوڪري جا آسرا ۽ ٽيسٽون پاس ڪرڻ جون دعائون ڏيندي ڏٺم ته درويش سان گڏ رنم به ڏاڍو، وري ٻي طرف انھن رھزن ۽ ٺڳي وارن مڪر ۽ فريبن وارن جا دوکا ۽ مغروريون ڏٺيون جن پنهنجي مفادن لاءِ نانگ کي نوڙي ٺاھي ليڪا پئي ڪٽيا، ڪن روحانيت جي ليڪي کي، ڪن وري سياست جي ليڪي کي، ڪن وري صوفيت مذھب جي ليڪي کي، پر ويچارڙو انسان وري به آزار ۾ سواءِ ان نيڪ بي لوڀ انسانن جي دعائن ۽ دلاسن جي سھاري تي.