جروار: جروار رهواسي سجاد ميراڻي مريدشاخ ويجهو هٿياربند هٿان اغوا ٿي ويو ,جروار جي ڳوٺ ڳڙهي چاڪر رهواسي سجاد ميراڻي ۽پپو بوزدار رات دير سان ڪار تي گڊو کان پنهنجي ڳوٺ اچي رهيا هئا ته مريد شاخ ويجهو هٿياربندن هٿيارن جي زور تي سجاد ميراڻي کي اغوا ڪري ويا ۽پپو بوزدار اغوا ٿيڻ بچي ويو,اهڙو اطلاع اغوا ٿيڻ کان بچي ويل پپو بوزدار وارثن کي ڏنو ,اغوا ٿي ويل سجاد ميراڻي جا وارث واقعي واري هنڌ پهتا,هنن هٿياربندن جا پوليس سان گڏ پيرا کنيا ته پيرا پنجاب جي ڀنگ ٿاڻي جي حد ڪچي ۾ گم ٿي ويا ,هوڏانهن اغوا ڄڻايل سجاد ميراڻي جو ڀاء وقار ميراڻي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته هو ڪشمور کان گذريل رات دير سان واپس اچي رهيا هئا ته هٿياربندن مريد شاخ ويجهو هنن جي ڪار کي بيهڻ جو اشارو ڪيو ته هنن ڪار نه روڪي ته هٿياربندن ڪار جي ٽائرن ۾ فائرڪيا ته ڪار جا ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب انهن ڪار روڪي ته ڪار ڊرائيور پپو بوزدار ڪمند جي فصل ۾ هٿياربندن کان لڪي ويو۽منهنجي ڀاء کي هٿياربند اغوا ڪري کڻي ويا آھن ,هن وڌيڪ چيو ته هٿيابندن جا پير پنجاب جي ڀنگ ٿاڻي جي حد واري ڪچي ۾ گم ٿي ويا ,هن ايس ايس پي گهوٽڪي کي اپيل ڪئي ته منهنجي ڀاء کي جلد بازياب ڪرايو وڃي