دادو(رپورٽ:علي گل چنا ) دادو جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ نديم بدر قاضي جي عدالت ۾ ام رباب چانڊيو جي پيء مختيار احمد چانڊيو، ڏاڏي ڪرم الله چانڊيو ۽ چاچي قابل چانڊيو جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت ۾ الزام هيٺ آيل پ پ پ ايم پي اي سردار احمد چانڊيو ۽ برهان خان چانڊيو سميت ٻيا گرفتار جوابدار به پيش ٿيا، جڏهن ته عدالت ايم پي اي سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو کي ڪيس ۾ نامزد ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو، عدالت ٻنهي ايم پي ايز سردار احمد چانڊيو ۽ برهان خان چانڊيو کي ڪيس ۾ نامزد ڪندي ٻڌڻي 25 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪئي، عدالتي فيصلي بعد ام رباب چانڊيو عدالت جي احاطي تي سجدو ڪيو ۽ دعا گهري. عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ام رباب چانڊيو چيو ته اڄ ام رباب جي جيت نه پر سنڌ جي شعور جي جيت ٿي آهي، عدالت مان انصاف جون اميدون آهن اميد آهي ته اڳتي به جيڪي فيصلا ايندا اهي مظلومن جي حقن لاءِ هوندا، ٻئي طرف پ پ پ ايم پي اي سردار احمد چانڊيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عدالت جو فيصلو اهو آهي ته اسان جو ڪيس ٻڌو وڃي اسان ته حاضر آهيون اسان ته پهرين ڏينهن کان عدالتن تي اعتماد رکيو آهي ڪيس هلندو ته اسان پنهنجي ڪيس جي ڊفينس ڪنداسين اهو فيصلو ناهي آيو جنهن ۾ اهو چيو ويو هجي ته اسان ڏوهي آهيون يا ناهيون صرف اهو چيو ويو آهي ته اسان کي هن ڪيس ۾ ٻڌو ويندو. شاهد گواهه اڃا نه هليا آهن اهي هلندا هن چيو ته جيڪو فيصلو ايندو آهي اهو آخري فيصلو نه هوندو آهي اڃا مٿين ڪورٽون آهن عدالتن جي اعتماد آهي پر مٿين ڪورٽن ۾ به وينداسين، ٻڌڻي جي موقعي ٿي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا، ڊسٽرڪٽ ڪورٽ جو مک گيٽ بند ڪري پيشي کانسواءِ ٻين ماڻهن جي داخلا تي پابندي لڳائي وئي هئي،