ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) ٻانھ ٻيلي تنظيم جي پاران جوڙيل وومين ورڪر الائنس جي ميمبرن ايڊوڪيٽ نصرت مياڻو، مريم زاھد، افشين اقبال، رضيه بيگم، سائران ملڪ سھتو ۽ ڪنزه فردوس عوامي پريس ڪلب ۾ ميڊيا بريفنگ ڪندي ٻڌايو ته ميرپورخاص ضلعي جي ڪنھن به اداري ۾ حڪومت پاران اعلانيل گھٽ ۾ گھٽ اجرت جو معاوضو ڪٿي به نه ملي رھيو آھي ميرپورخاص ۾ وڏي پئماني ته پرائيويٽ ۽ گورنمنٽ جي ادارن ۽ اڊسٽريز ۾ عورت ورڪرن ۽ مردن کي به تمام گھٽ اجرت تي پورھيو ورتو وڃي ٿو جنھن ڪري خاص طور تي عورت ورڪرن جو استعمال ٿي رھيو آھي ھنن وڌيڪ چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون مزدور جي اجرت وڌائڻ لاء ته اعلان ڪن ٿيون ليڪن عملدرآمد لاء ضلعي سطع تي ڪو به مڪيترم جڙيل نه آھي ميرپورخاص ۾ مينمم وليج ۽ ليبر ڊپارٽمينٽ جو ڪو به مڪمل ۽ با اختيار آفيس نه آھي انڪري دانھن ڪوڪ ۽ شڪايت ٻڌڻ وارو ڪو به نه آھي ھنن مطالبو ڪيو ته ميرپورخاص ۾ فوري طور تي منيمم ويج ۽ ليبر کاتي جي آفيس قائم ڪري گھٽ ۾ گھٽ اجرت جي مسئلي کي عملدرآمد ڪرائي غريب عورت ۽ مرد ورڪرن جي استمعال کي روڪيو وڃي۔۔