سکر(رپورٽ: ذوالفقار سولنگي) تنظيم فڪرونظرسنڌ جي صدر پروفيسر اصغر مجاهد مهر سنڌ اسلامڪ سينٽر مناره روڊ سکر ۾ 11سيپٽمبر تي باني پاڪستان قائد اعظم محمد علي جناح جي وفات واري ڏينهن تي تقريب جي نسبت سان پنهنجي بيان ۾چيو آهي ته قائد اعظم محمد علي جناح تاريخ ساز شخصيت هئا جنهن ننڍي کنڊ جي منتشر مسلم قوم کي گڏ ڪري پاڪستان جي قيام جي سلسلي ۾ عهدساز ڪوششون ڪري انگريزن هندن جي سازشن ۽چالبازين کي ناڪام بڻائي پاڪستان قائم ڪري ڏيکاريو اسان کي گهرجي ته قائد اعظم جي آفاقي اصولن ايمان اتحاد تنظيم تي سختي سان عمل ڪندي ملڪ جي تعمير ۽ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون اسان کي هر صورت ۾ بدعنواني غربت ناخواندگي نا انصافي بيروزگاري مهانگائي ملڪي ۽ غير ملڪي قرضن کان نجات کان سواء سماجي نا انصافين لاء پڻ جهاد ڪرڻو پوندو باني پاڪستان جيڪي شايان شان اصول ڏنا آهن ان مطابق هلڻو پوندو پاڪستان مان هر قسم جي ڪرپشن جو خاتمو ڪري پاڪستان جي تعمير ۽ترقي لاء جدوجهد ڪرڻي پوندي ۔