تولو مولو ھٿ ھٿن ۾ ڏئي ائين اچين بازار مان گذريا ڄڻ ناري جا نواب، ھئا ٻئي ڄائي ڄمندين خسرا نه مڇ نه ڏاڙھي، پوءِ به وٺ وٺان ڪا ڇڏين، پويان اچي ڪاڪي قادن کهنگڪار ڪئي ھمراھن اچي لوڻا ڦيرايا، ڪاڪي قادن چيو خير آھي ھيڏي وڏي لوڏ اڄ ڪھڙي خوشي مان پئي لڳي، ڪو ڪابل ڪنڌار فتح ڪيو اٿئو ڇا؟ ھمراھن کي ڪي نشا ھئا تازا ڪنھن وڏيري سان گڏ سيلفي جا بس ڪاڪي قادن کي ڪجھ سمجھن ئي نه پيا، بس ٻانھن جون اڇلون ۽ لامارا ڄڻ کٽي آيا خير سان، پريان خدن خفتي اچي نڪتو جھلي چيائين مون ڪلهه تون واري ان وڏيري کي جنھن سان اوھان اڄ سيلفي ڪڍرائي آھي ان کي فلاڻي عھديدار جي ڪامريڊ کي گلن تان مکيون ھڪليندي ڏٺو ھئيم، ائين سڀ سنھيون ھڻندا اٿئي، اوھان اچي ڇو کريا آھيو، نوڪريون ناڻن بنا ڪو نه ملنديون ميرٽ تي اوھين لھو ئي ڪون ٿا جو پڙھيل لکيل ته گھڻا آھيو، بھتر ۽ چڱو ڪم اھو ئي آھي وڃين سرمائي سائينءَ وانگر پڪوڙا کپايو خوامخواه خوش فھمي ۾ نه رھو. ھلو تہ ھلون روميءَ جي اوطاق ڏانهن درويش سان ته اڄ ملي اچجي خالو انتظار پيو ڪري، درويش پنھنجي طبيعت مطابق ڪجهه چوندو وڃي ھي دنيا رڳو مال متاع جو نالو ناھي عزت نفس به ڪا شيءِ آھي، جنھن جي عزت نفس مجروح ٿيندي رھي صبح شام جُٺ جٺن جھڙي ھجي پوءِ ان جي اڳيان دنياوي طعام ڪباب رکيا پيا ھجن اُهي ڪھڙي ڪم جا، جيڪڏھن ضمير مردہ ٿي وڃي انساني قدر باقي نه بچن پوءِ ڪنھن اھڙيءَ انسان جي پويان ڇا لاءِ ڀڄي ڀڄي ڊڪندين سنھيون ھڻندين ھي عارضي زندگيءَ گذارجي جنهن وٽ ڪا اھميت اوھان جي نه ھجي، قدر وارن سان قرب ڪجن جن وٽ قدر ھجي، محبتن وارن سان اٿڻ ويهڻ جو مزو ئي الڳ آھي جو انھن جي خوشبو ميلن تائين اچيو رسي، باقي نفرتن جي واپار جي ڪا کوٽ ٿوري آھي، ھر ھنڌ سستي دام ملي ويندي باقي قدردان ۽ قرب ڳولڻا پون ٿا، پيڇو ڪرڻون پوندو، بازارن ۽ گھٽين ۾ ڪو نه نه ملندا چڱا چونڊڻا پوندا.