عمر ڪوٽ(رپورٽ: ذوالفقار علي سولنگي) صوبائي وزير اطلاعات سنڌ سعيد غني سامارو تعلقي جي ڳوٺ سردار غلام مصطفي خاصخيلي پھچي سردار حاجي غلام مصطفي خاصخيلي جي وفات تي سندس ڀاءُ ابوبڪر خاصخيلي ۽ پٽ سردار غلام مرتضي خاصخيلي سان تعزيت ڪئي، ان موقعي تي ھن مرحوم سردار حاجي غلام مصطفي خاصخيلي جي مغفرت لاءِ دعا ڪئي ۽ سموري خاندان سان ڏک جو اظهار پڻ ڪيو، ان موقعي تي ھن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مرحوم سردار حاجي غلام مصطفي خاصخيلي اسان جي برادري جو وڏو ھيو ۽ ھن سان ادب ۽ احترام جو رشتو ھيو، ھن چيو ته مرحوم سردار حاجي غلام مصطفي خاصخيلي جي برادري ۽ ھن خطي جي عوام لاءِ ڪيل خدمتن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي، ھن چيو سردار غلام مصطفي جي لاڏاڻي کانپوءِ اھيو خال ڪڏھن بہ ڀرجي نٿو سگهي، جڏھن ته صوبائي وزير پاران مرحوم سردار حاجي غلام مصطفي خاصخيلي جي قبر تي فاتحه پڙهي وئي ۽ دعا ڪئي وئي ته رب پاڪ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ جاءِ عطا فرمائي، ان موقعي تي صوبائي وزير اطلاعات سنڌ سعيد غني سان گڏ ايس ايس پي عمرڪوٽ مختيار احمد خاصخيلي، صوبائي وزير جو ميڊيا ڪوآرڊينيٽر زبير احمد ميمڻ سميت آل پاڪستان خاصخيلي راڄوڻي اتحاد جا اڳواڻ ۽ خاصخيلي برادري جا معززين پڻ موجود ھئا.