سکر: (رپورٽ: ذوالفقار سولنگي) ڳوٺ جمال خان لاشاري سکر جي رھواسي شاھد علي لاشاري جو بااثرن خلاف سکر پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڳوٺ جمال خان لاشاري جي رهواسي بااثرن خلاف دانهيندي ٻڌايو ته تاريخ 09.09.2021 تي سيشن ڪورٽ سکر کان حاضري کائڻ کان بعد واپس گھر وڃي رھيو ھيس تہ پويان ھڪ نيري ڪلر جي ڪرولا ڪار رجسٽريشن نمبر ARR 222 ۾ چار ھٿيار بند نالي هر هڪ عطا محمد لاشاري، شاھنواز لاشاري ۽ ٻه اڻ سڃاتل پيشو ڪندا آيا جڏهن مان نيو پنڊ سکر ٿاڻي جي حد ۾ پهتس ته منھنجو اڳ وٺي مون تي ھٿيارن جي زور تي مارڪٽ ڪئي ۽ ڌمڪيون ڏئي چيائون ته تنھنجي ماءُ جيڪا اسان کان زمين جو حصو گھري رھي آھي جيڪڏن ان زمين جي ٻيھر گهر ڪئي ته اوھان کي ماري خون ڪنداسون وڌيڪ رهواسي ٻڌايو تہ زمين جيڪا سروي نمبر 630 632 ديھ گوسڙجي تعلقہ نيو سکر ۾ واقع آھي ۽ ان زمين ۾ اسان جي امڙ جو شرعئي حصو آھي ان جي لاءِ اسان ڪورٽ سڳوري سان رجوع ڪري بااثرن خلاف ڪيس داخل ڪرايو آھي مگر بااثر روزانو منهنجي زندگي تنگ ڪري ڏني آهي ۽ ڌمڪيون ڏئي چون ٿا ته تون جيڪو اسان جي خلاف ڪيس داخل ڪرايو آهي ان تان به هٿ کڻ ۽ زمين تان به هٿ کڻ نه ته ٻي صورت ۾ توکي ماري خون ڪنداسون مان هن احتجاج ذريعي اعليٰ عھديدارن DIG سکر فدا حسين مستوئي، SSP صاحب سکر عرفان علي، DSP سائيٽ سکر عبدالستار ڦل کان مطالبو ٿو ڪريان ته اسان کي تحفظ ڏئي جوابدارن خلاف FIR داخل ڪئي وڃي نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.