ٽنڊو ڄام: (بيورو رپورٽ) واپارين جي خدمت ڪرڻ تي گولڊ ميڊل ٽنڊوڄام جي ننڍن واپارين جي نالي ڪيان ٿو۔ واپاري اڳواڻ پپو راجپوت. ٽنڊوڄام شهر ۽ ڀرپاسي جي واپارين جا جائز مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس تاجر برادري ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حثيت رکي ٿي. مرڪزي انجمن تاجران تنظيم واپارين جي خوشحالي لاء ڏينهن رات ڪوشان آهي. ٽنڊوڄام۔ ٽنڊي ڄام ۾ واپاري اڳواڻ پپو راجپوت کي واپارين جي خدمت ڪرڻ تي مرڪزي تنظيم تاجران پاران گولڊ ميڊل جي اعزاز سان نوازيو ويو۔ ننڍن واپارين جا جائز مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهندس۔ اهڙو اظهار هن مختلف واپارين پاران مبارڪون ڏيڻ وقت ڪيو, هن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته مون کي مليل گولڊ ميڊل اصل ۾ ٽنڊوڄام جي واپارين جي جيت آهي واپاري ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حثيت رکن ٿا حڪومت کي واپارين کي رليف ڏيڻو پوندو ۽ سندن جائز مسئلا حل ڪرڻا پوندا. مرڪزي تنظيم تاجران ملڪ جي سمورن واپارين جي خدمت ڪرڻ لاء سڀني کان اڳتي آهي ۽ اسان به پنهجو فرض سمجهندي واپارين سان هر وقت ڪلهو ڪلهي ۾ گڏائي بيهنداسين۔