صوبائي وزير تعليم سيد سردار علي شاهه ۽ ڊائريڪٽر جنرل منصوب احمد صديقي جي هدايتن بعد سکر ريجن جي پرائيوٽ اسڪولن ۾ ڪورونا کان بچاء لاء استادن، ٻارن ۽ ٻئي عملي کي ويڪسينيشن ڪرائڻ جو آغاز شروع ڪيو ويو آهي، شاگردن جي ويڪسينيشن لاء والدين جي رضامندي سرٽيفڪيٽ لازمي آهي، اهڙيون ڳالهيون ميڊم رخسانه شاهين مڱڻيجو ڊائريڪٽر انسپيڪشن رجسٽريشن آف پرائيوٽ اسڪولز سکر ريجن آغا جبار خان ڪوآرڊينيٽر پرائيوٽ اسڪول مينيجمينٽ سان ڪيون،
تفصيل موجب، ميڊيم رخسانه شاهين مڱڻيجو ڊائريڪٽر انسپيڪشن رجسٽريشن آف پرائيوٽ انسٽيٽيوشنز سکر ريجن پنهنجي آفيس ۾ آل پرائيوٽ اسڪولز منيجمينٽ ايسوسئيشن سکر جي ڪوآرڊينيٽر آغا جبار خان سان ڳالهائيندي چيو آهي ته صوبائي وزير تعليم سيد سردار علي شاهه ۽ ڊائريڪٽر جنرل منصوب احمد صديقي جي خصوصي هدايتن بعد سکر ريجن جي پرائيوٽ اسڪولن ۾ ڪورونا کان بچاء لاء استادن، ٻارن ۽ ٻئي عملي کي ويڪسينيشن ڪرائڻ جو آغاز شروع ڪيو ويو آهي، جڏهن ته شاگردن جي ويڪسينيشن لاء والدين جي رضامندي سرٽيفڪيٽ کي به لازمي قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته ان دوران آل پرائيوٽ اسڪولز منيجمينٽ ايسوسئيشن سکر جي صدر جميل احمد شيخ به ڊائريڪٽر ميڊم رخسانه شاهين مڱڻيجو کي فون ڪري سکر جي تمام پرائيوٽ اسڪولن ۾ استادن سميت ٻين ملازمن ۽ ٻارن کي ويڪسين ڪرائڻ واري عمل جي شروعات ڪرائڻ جو يقين ڏياريو آهي، ميڊم رخسانه مڱڻيجو وڌيڪ چيو ته ويڪسينيشن واري عمل ۾ اسان سڀني اسڪولن جي انتظاميه سان تعاون ڪري رهيا آهيون ته جيئن ڪورونا کان بچاء لاء سنڌ حڪومت جي حڪمن تي جلد عمل ڪندي ويڪسينيشن کي يقيني بڻايو وڃي، هن چيو ته ويڪسينشن نه ڪرائيندڙ يا سست روي اختيار ڪندڙ اسڪولن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي، جنهن ڪري سکر ريجن جي سڀني پرائيوٽ اسڪولن جي انتظاميه کي گهر جي اسڪولن ۾ ماسڪ ۽ سينيٽائيزر جو استعمال ڪرڻ سان گڏ نائين درجي کان ٻارهين ڪلاسن جي شاگردن، اسڪولن ۾ مقرر استادن ۽ ٻئي اسٽاف کي جلد کان جلد ويڪسينيشن وارو عمل مڪمل ڪرائي رپورٽ ڏين،
صوبائي وزير تعليم سيد سردار علي شاهه ۽ ڊائريڪٽر جنرل منصوب احمد صديقي جي هدايتن بعد سکر ريجن جي پرائيوٽ اسڪولن ۾ ڪورونا کان بچاء لاء استادن، ٻارن ۽ ٻئي عملي کي ويڪسينيشن ڪرائڻ جو آغاز شروع ڪيو ويو آهي،
خبربابت پنھنجا تاثرات ونڊيو!
+1
3
+1
+1
Leave a comment