ان موقعي تي سنڌ پريس ڪلب نصيرآباد جي صدر مختيار علي مغيري، منظور ڪلهوڙو، محرم مغيري، عبداللطيف، گل جان چانڊيو، رابيل علي، محمد علي، نظير کوسو، سعيد احمد جن ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته صحافي رياض مغيري جو پنهنجن ويڳن ڀائرن سان زميني تڪرار هلندڙ هيو جنهن جي ڪري دين محمد مغيري ۽ در محمد مغيري ڪجھ ڏينهن پهريان صحافي رياض مٿان سخت تشدد ڪيو هيو ان جي شڪايت ايس پي لاڙڪاڻو وٽ ڪئي وئي هئي جنهن ٻنهي ڌرين کي ايم پي اي معظم عباسي وٽ فيصلي لاء آمادا ڪيو هيو ۽ ٻنهي ڌرين کان لکت پڻ ڪرائي وئي هئي اڃا فيصلي جي تاريخ ئي ڪونه آئي ته تعلقي ٿاڻي لاڙڪاڻو ايس ايڇ او خادم مگسي صحافي رياض حسين مغيري کي گهر مان کنڀي کڻي لااڪپ ڪري سخت تشدد جو نشانو بڻائي ڳري رشوت عيوض ڪوڙي ايف آئي آر درج ڪري ڇڏي جڏهن صحافي رياض حسين مغيري جي پوڙهي امڙ ٿاڻي تي پنهنجي پٽ سان ملڻ وئي ته ان کي ڌڪا ڏئي گارگند ڪري ٿاڻي مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو صحافين وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته ايس ايس پي لاڙڪاڻو ڳالهيون رکرائي بعد ۾ ڪوڙي ايف آئي آر جو آرڊر ڏئي تمام گهڻي ناجائزي ۽ ناانصافي ڪئي آهي هنن آئي جي سنڌ ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ۽ ٻين بالا آفيسرن کان انصاف جي اپيل ڪئي آهي۔