دولتپورصفن: دولتپورصفن جو مشهور عالم دين علامہ مولانا الحاج مولوي محمد احسان الله جوکيو 65 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو ، هزارين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي . دولتپورصفن ڀرسان ڳوٺ مٺا خان جوکيو جو رهواسي مولوي محمد احسان الله جوکيو ڪجھ عرصي کان شگر ۽ گڙدن جي مرض ۾ مبتلا هئو ، جنهن علاج دوران ڪراچي اسپتال ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو ، جتان سندس جسد خاڪي سندس اباڻي ڳوٺ مٺا خان جوکيو آڻي سيد اسماعيل شاھ قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو ، سندس جنازي نماز درگاھ خياروي شريف جي گادي نشين پير سائين حماد الله پڙهائي ، ان موقعي تي فقير محمد يونس ( حق مدينہ ) ، فقير علي نواز فيض هاشمي ، مفتي حافظ محمد ٻگهيو ، مولوي غلام مصطفىٰ ٻگهيو ، مولانا محمد مصري بُگو ، وڏيرو محمد رحيم هوٿيپوٽو ، انجنئير محبوب علي ڏاهري سميت مختلف علائقن کان آيل عالمن ، نعت خوانن ۽ ساڻس عقيدت ۽ محبت رکندڙ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي ، جڏهن تہ علامہ مولانا محمد احسان الله جوکيو سڄي حياتي ديني ڪم ڪيو ، سندس هڪ ڪتاب ( شجره معصوميہ ) شايع ٿيل هئو ۽ ٻن ڪتابن جو مواد لکيل پيل آهي ، جيڪي سندس حياتي ۾ شايع نہ ٿي سگهيا ، پاڻ مدرسي نورال عرفان تعليم القرآن جو باني ۽ مهتمم رهيو ، هن 1965ع ڌاري ديني علمي لائبريري قائم ڪئي ، جنهن مان ڪيترائي علم جا پياسا فيضياب ٿيا ، جڏهن تہ پاڻ جمعيت علماء پاڪستان ( نوراني گروپ ) جو ضلعي صدر پڻ رهي چڪو هئو ، پاڻ حياتي جي آخري دم تائين علم ۽ تدريسي سان لاڳاپيل رهيو ، سندس وڇوڙي تي ڳوٺ ۽ ڀرپاسي مذهبي ، علمي ، ادبي حلقن ۾ سوڳ ڇائنجي ويو ، سندس تڏو ڳوٺ مٺاخان جوکيو ۾ وڇايو ويو ، جتي سندس فرزند مولوي پنهل جوکيو ۽ ٻين سان تعزيت جو سلسلو جاري رهيو.