ڏوڪري چيمبرس آف ڪامرس ڏوڪري پاران تعلقه اسپتال ڏوڪري ۾ دوائن جي کوٽ ۽ ٻين مسئلن جي حل لاءِ صدر حاجي عبدالحميد خان جيسر جي اڳواڻي ۾ وفد تعلقه اسپتال ڏوڪري پهچي ايم ايس ظفر الله موريو سان ملاقات ڪئي جتي ايم ايس ظفر الله موريو ڊاڪٽر رياض ابڙو آڏو چيمبرس آف ڪامرس ڏوڪري جي اڳواڻن حاجي عبدالحميد خان جيسر معشوق علي جتوئي سائين واحد بخش موريو حافظ خان ڪلهوڙو عبدالغني ابڙو مظهر گلال غلام قادر ڏيرو حبيب الله کوکر. صحافي امتياز ڪولاچي. اطهر سنديلو. اطهر ميمڻ عبدالجبار ميمڻ ربنواز کوسو عرفان علي منگي ۽ ٻين ايم ايس آڏو دوائن جي کوٽ الٽرا سائونڊ. شگر بلديا پريشر. مليريا چيڪ نه ڪرڻ سميت شڪايتون ڪيون ان موقعي تي ايم ايس ڊاڪٽر ظفر الله موريو چيو آهي ته اسين انهن شڪايتن جي ازالي لاءِ صحت کاتي جي اعلي عملدارن کي لکيو آهي ٻي پاسي چيمبرس آف ڪامرس ڏوڪري جي صدر حاجي عبدالحميد خان جيسر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته تعلقه اسپتال ڏوڪري ۾ داڪترن جي کوٽ دوائن جي کوٽ سميت عملي جو مريضن توڙي شهرين سان رويو بهتر نه آهي ۽ ان مسئلي تي اسان خاموش نه پر ضلعي صحت کاتي جي عملدارن تائين وينداسين هن چيو ته صحت جي حوالي سان شهرين جو حق آهي ته گهرجون پوريون ڪيون وڃن هن چتا۽ ڏنو ته مسئلا حل نه ٿيا ته تحريڪ هلائي ويندي. ڏوڪري چئمبر آف ڪامرس ڏوڪري طرفان علي پارڪ ۽ پبلڪ لائبريري تي قبضہ مافیا طرفان ڪيل قبضي خلاف احتجاج ڪيو آهي. چئمبر آف ڪامرس جي صدر عبدالحميد جيسر،مظهر گلال،عبدالغني ابڙو،معشوق جتوئي،واحد بخش موريو، حبيب ﷲ کوکر ۽شاگردن ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي، انهي موقعي اڳواڻن چيو ته ڏوڪري شهر جي واحد لائبريري ۽ علي پارڪ تي قبضا مافیا جي سرپرستي ڪندڙ پبلڪ ھيلٿ جي سب انجنيئر علي نواز جوڻيجي ۽ ٻين قبضو ڪري اتي گهر ٺاهي ڇڏيا آهن،ھنن چيو ته لائبريري ۾ 200 کان وڌيڪ شاگرد تعليم پرائي رهيا آهن،لائبريري ۾ پڙهندڙ شاگرد قبضا مافیا جي کان خوفزدہ آهن، ھنن چيو ته قبضي مافيا طرفان پارڪ ۾ جانور ٻيهاري لائبرري کي مال جي واڙي ۾ تبديل ڪرڻ چاهن ٿا. هنن حڪومت کان مطالبو ڪندي چيو آهي ته هڪ ھفتي اندر علي پارڪ ۽ لائبرري تان قبضا ختم ڪري سهولتون مھيا ڪيون وڃن ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي وئي. ڏوڪري حڪومت سنڌ پاران تعليم کاتي ۾ ڏنل مفت ڪتاب جي سلسلي ۾ گورمينٽ پرائيمري اسڪول چنا موچي ۾ ڪتاب ورھائڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو جنهن ۾ اسڪول جي ھيڊ ماستر خادم حسين ڀٽي ۽ استدن سائين زالفقار علي ميراڻي پرويز علي سميجو بلاول علي منڳي عابد علي ابڙو پاران 200 کان مٿي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي پهرين درجي کان پنجين درجي تائين مفت ڪتاب ڏنا ويا. ان موقعي تي اسڪول جي هيڊ ماستر خادم حسين ڀٽي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان اسڪول جي هر ٻار کي بنا ڪنهن فرق جي درسي ڪتاب ڏنا آهن ته جئين هو ڪتابن سان علم جي اڄ اجهائن.