ڪراچي (رپورٽ دلدار سيلرو ) ڪراچي ڪورنگي جي مهراڻ ٽائون سيڪٽر F 6 ۾ ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ٿاڻي جي پوليس هٿان ڏوهاري قرار ڏئي قتل ڪيل شهدادڪوٽ واسي نوجوان شهزاد چانڊيو جي خون سان انصاف نه ٿي سگهيو ايس پي لانڍي شاهنواز چاچڙ جي سربراهي ۾ جوڙيل انڪوائري ٽيم مقتول نوجوان کي ڏوهاري قرار ڏيندي قاتل پوليس اهلڪارن بچائڻ جي ڪوشش ۾ رڌل مقتول جي وارثن کي معاملو راڄوڻي نموني حل ڪرڻ تي زور اسان جو نوجوان بي ڏوهي ماريو ويو آهي جنهن خلاف ڪو به ڏوهي رڪارڊ ناهي مقتول جي خون سان انصاف ۽ قاتل پوليس اهلڪارن کي سزا ڏيارڻ لاء سومر ڏهاڙي کان ٻيهر ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاج جو اعلان . رپورٽ موجب : ڪراچي ڪورنگي جي علائقي مهراڻ ٽائون سيڪٽر F 6 ۾ ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ٿاڻي جي پوليس پاران هڪ هفتو اڳ مبينا مقابلي ۾ ڏوهاري قرار ڏئي قتل ڪيل شهدادڪوٽ واسي نوجوان شهزاد چانڊيو جي خون سان انصاف نه ٿي سگهيو سندس وارثن پاران قاتل پوليس اهلڪارن کي سزا ڏيارڻ لاء سڀاڻي آء جي سنڌ آفيس اڳيان احتجاج وارو سڏ واپس وٺندي ايندڙ سومر ڏهاڙي کان ڪراچي پريس ڪلب اڳيان هڪ ڀيرو ٻيهر احتجاجي تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي ان ڏس ۾ مقتول نوجوان شهزاد چانڊيو جي سوئٽ سابقه يوسي ناظم جاويد چانڊيو ڪورنگي جي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ايس پي لانڍي شاهنواز چاچڙ پاران مقتول شهزاد چانڊيو جي قتل واقعي بابت ڪيل انڪوائري شفاف ناهي ڇاڪاڻ ته هن انڪوائري رپورٽ ۾ شهزاد چانڊيو کي ڏوهاري هئڻ جو شڪ ظاهر ڪيو آهي جڏهن ته مقتول شهزادچانڊيو خلاف ڪنهن به قسم جو ڏوهي رڪارڊ ثابت نه ٿيو آهي تنهن هوندي به ايس پي لانڍي شاهنواز چاچڙ ايڊيشنل ايس ايڇ سراج خٽڪ ۽ اي ايس آء محمدخان سميت شهزادچانڊيو کي جڙتو مقابلي ۾ بي گناهه قتل ڪندڙ پنهنجي پٽي ڀائي اهلڪارن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ معاملو راڄوڻي طور حل ڪرڻ لاء پريشر وجهي رهيو آهي سندس ڪيل انڪوائري تي اسين بي اعتمادي ظاهر ڪندي شهيد شهزاد چانڊيو جي قاتل اهلڪارن مٿان ڪيس داخل ڪري کين سزا ڏيارڻ تائين خاموش نه ويهنداسين سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ڪجهه خدشن سبب اڄ آء جي سنڌ پوليس آفيس اڳيان رٿيل احتجاج ملتوي ڪيو آهي جڏهن ته سومر ڏهاڙي کان پريس ڪلب ڪراچي آڏو شهزادچانڊيو جي خون سان انصاف لاء احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي جيڪا انصاف جي حاصلات تائين جاري رکي ويندي مقتول جي خون سان انصاف واري سڏ ۾ ساٿ ڏيڻ لاء سياسي سماجي تنظيمن .وڪلا برادري سول سوسائٽي سان رابطا سازي هلندڙ آهي جڏهن ته قانوني ماهرن کان پڻ شهيد شهزادچانڊيو جي قاتلن کي سزا ڏياريڻ لاء صلاح مشورا ڪيا پيا وڃن.