ڏھرڪي (رپورٽ لالچند موٽواڻي) ڏھرڪي لڳ کينجھو جي رھائشي شھزادو ٽانوري جو پنھنجي برادري جي بااثرن خلاف احتجاج ڪجھ ڏينھن پھريان سوشل ميڊيا تي ڪمينٽس ڏيڻ تان بااثر مڇرجي پيا سرعام تشدد ڪري تزليل ڪئي وئي خبر موجب ڏھرڪي لڳ کينجھو جي رھائشي شھزادو ٽانوري ڏھرڪي ايوان صحافت پريس ڪلب پھچي پنھنجي برادري جي بااثر جوابدارن يونس ٽانوري آصف ٽانوري معشوق يوسف ٽانوري ۽ ٻين خلاف دانھيندي چيو ته ڪجھ عرصو پھريان سوشل ميڊيا تي ڪمينٽس ڪرڻ تي جوابدار ڏمرجي پيا منھنجي گھر ۽ دوڪان تي حملو ڪري مون کي ۽ منھنجي ٻارن تي تشدد ڪيو ۽ ويڊيو رڪاڊ ڪري سوشل ميڊيا تي منھنجي تزليل ڪئي ۽ منھنجي جيب مان ٽچ موبائيل روڪ رقم ڦر ڪري ويا جنھن جي ايف آئي آر داخل ڪرڻ کان کينجھو ٿاڻي جي ايس ايڇ او انڪار ڪري ڇڏيو جوابدار بااثر ھجڻ ڪري پوليس ڪابه ڪاروائي نه ڪئي شھزادو ٽانوري چيو ته آئون سوشل ورڪر آھيان سندس مون سان انصاف ڪيو وڃي جوابدار اڄ به آزاد گھمي رھيا ۽ مونکي موتمار ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن وڌيڪ ھن وزيراعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ آئي جي سنڌ ڊي آئي جي سکر ۽ ايس ايس پي عمر طفيل کان نوٽس وٺڻ ۽ انصاف ڪرڻ جي اپيل ڪئي.