ڏھرڪي (رپورٽ لالچند موٽواڻي) ڏهرڪي ٽي اين بي ليبارٽري پاور پلانٽ ميرپور ماٿيلو ضلع گهوٽڪي جي مزدورن جو ليبارٽري پاور پلانٽ جي انتظاميا خلاف احتجاج نعريبازي.احتجاجي جي اڳواڻي ڪندڙ فرمان ٻرڙو مصطفي گولو فتح محمد سيال ۽ قربان پنھيار ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته 2016 جي ٿيل ايگريمينٽ تي انتظاميا عمل نه ٿي ڪري صرف اسان کي ڇھن مھينن جو ايريل ڏنو ويو آهي باقي رھيل مھينن جو ايريل انتظاميا نه ٿي ڏئي ۽ ٿيل ايگريمينٽ تي عمل نه ٿو ڪيو وڃي.. ڊي سي گھوٽڪي به ايگريمينٽ ڪرائڻ وقت شامل ھو ڊي سي صاحب کي اپيل آهي ته اسان جي ٿيل ايگريمينٽ تي مڪمل طور عمل ڪرائي ۽ ليبر ڊپارٽمينٽ کي اپيل آهي ته ايگريمينٽ تي عمل ڪرائي ۽ مزدورن جي بيچيني ختم ڪئي وڃي مزدورن جو چوڻ آهي ته ضلعي انتظاميا کي گھرجي ته اسان ٿيل ايگريمينٽ تي عمل ڪرايو وڃي ۽ ٻي صورت ٿيل ايگريمينٽ جي مڃتا تائين احتجاج جاري رکيو ويندو مزدور اڳواڻ.