تنگواڻي (رپورٽ پيربخش نوناري ) پ پ پ چئيرمين بلاول ڀٽو زرداري وڏي وزير سيدمراد علي شاه سان گڏ ڪنڌڪوٽ تعزيت لاءِ پهچي ويو دڙي سندراڻي ۾ ايم پي اي عابد سندراڻي جي ڀاء جي لاڏاڻي تي تعذيت لاء دڙي سندراڻي ۽ اڳوڻي ضلعي ناظم سردار سليم جان مزاري جي امڙ جي لاڏاڻي تي تعذيت لاء ڪشمور پهتو۔پ پ پ چئيرمين بلاول ڀٽو زرداري جو ڪرمپور ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ ڪارڪنن پاران جوش و جذبي سان استقبال ڪيو ويو۔ان موقعي تي پ پ پ چئيرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪشمور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ميڊيا تي وفاق پاران لاڳايل پابندين جي مخالفت ڪيو ٿا بلاول ڀٽو زرداري ۔عمران نيازي جي نااهل حڪومت ۾ مهانگائي جو طوفان آيو آهي جنهن ۾ پئٽرول ، بجلي ، گئس جو وڌندڙ اگهن جو عوام وزن برداشت نه ٿي ڪري سگهي ۔ پاڪستاني عوام مهگائي کان ڇوٽڪارو چاهي ٿي ۔پاڪستاني عوام کي نوجوان قيادت جي ضرورت آهي پاڪستاني عوام جون اميدون پ پ پ سان آهن ۔ ڪشمورجي عوام لاء ڪرمپور ڪيڊٽ ڪاليج ڏسي خوشي ٿي آهي۔ تعليم سان گڏوگڏ ڪشمور ۾ غربت ۽ بيروزگاري تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ۔ اين ايف سي ، 18 ترميم ۽ پاڻي جا ڪجه مسئلا آهن جنهن تي صوبائي حڪومت ضلعي سطح تي احتجاج جي حڪمت عملي جوڙي رهي آهي۔ ان موقعي تي صوبائي وزير مير شبير علي بجاراڻي ،احسان الرحمان مزاري ، مڪيش ڪمار چاولا ، نثار کهڙو ، اعجاز جکراڻي عاجز دهامراه ، ڄام خان شورو ،ضيا عباس شاه ،خورشيد جونيجو ، جميل سومرو ،رميش ڪمار ،محبوب بجاراڻي حاجي عبدالروئوف کوسو ۽ ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور منور علي مٺياڻي پڻ موجود هئا۔