(ملير رپورٽ) ملير ۾ ايس ايچ او پاران مقامي صحافين شهزادو مستوئي ۽ سميع ابڙو زوهيب راجپوت مٿان داخل ڪوڙي ڪيس خلاف پريس ڪلب ڌاٻيجي جي صحافين پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي احتجاج ۾ سينيئر صحافي زوهيب زرداري سميت سياسي سماجي اڳواڻن ۽ صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ريلي ۾ شريڪ ماڻهن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا جيڪي پوليس گردي بند ڪيو صحافين تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ بند ڪيو جا نعرا هڻي رهيا هئا، صحافين کي هيسائڻ لاءِ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ کان سواءِ پوليس وٽ ٻيو ڪو به هربو ناهي پنهنجي اختيارن جو ناجائز استعمال ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪندڙ ايس ايڇ او شاهه لطيف کي هٽائي صحافين انصاف ڪيو وڃي ، زوهيب زرداري، وحيد ﷲ خان، تفصيل موجب ملير جي مقامي صحافين شهزادو مستوئي ۽ سميع ابڙو خلاف ايس ايڇ او شاهه لطيف اسرار حسين ٻرڙو پاران داخل ڪيل ڪوڙي ڪيس خلاف پريس ڪلب ڌاٻيجي آڏو پريس ڪلب ڌاٻيجي جي صدر وحيد ﷲ جرنل سيڪريٽري علي گوهر شاهه سينيئر صحافي زوهيب زرداري علي گل جوکيو حسيب حسين پتافي آصف ابڙو شهزادو مستوئي سميع ابڙو بلاول ابڙو مشتاق گبول محمد محمد زوهيب راجپوت ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي احتجاجي ريلي ۾ سياسي سماجي اڳواڻن توڙي صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي مظاهري ۾ شريڪ ماڻهن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا جيڪي پوليس گردي بند ڪيو صحافين مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ بند ڪيو جا نعرا هڻي رهيا هئا ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيئر صحافي زوهيب زرداري وحيد ﷲ علي گوهر شاهه سماجي اڳواڻ جاويد عارفاڻي ٻين چيو ته مختلف وقتن تي پوليس بااثر ماڻهن جي وانگار وهندي صحافين تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جي روايت بڻائي ڇڏي آهي هنن چيو ته ايس ايڇ او شاهه لطيف اسرار حسين ٻرڙو مقامي لينڊگيبرن منشیات فروشن ۽ بااثرن جي چرچ تي ڪوڙا ڪيس مڙهي بهادر صحافين کي پنهنجي مقصد تان نٿو هٽائي سگهي صحافي ملڪ جو چوٿون ٿمڀ آهن افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ملڪ ۾ قانون يرغمال ۽ انصاف درپدر آهي هنن چيو ته صحافي شهزادو مستوئي ۽ سميع ابڙو ملير جي ايماندار صحافين مان هڪ آهن جنهن هميشه عوامي مسئلن کي پنهنجي قلم ذريعي ڀرپور آواز اٿاريو اهڙي صحافين کي ڄاڻي واڻي پنهنجي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي ايس ايڇ او شاهه لطيف ڪوڙو ڪيس داخل ڪري سابت ڪيو آهي ته هو عوام جو نه بلڪه منشيات فروشن لينڊگريبرن ۽ ڏوهارين جو ساٿي آهي، صحافين سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس آئي جي سنڌ ايڊيشنل آئي جي ڪراچي ڊي آئي جي ايسٽ سميت اعلي’ اختيارين کان پرزور مطالبو ڪيو ته راشي بدمست ايس ايڇ او شاهه لطيف اسرار حسين ٻرڙو کي فوري طور تي معطل ڪري صحافين تي داخل ڪوڙو ڪيس ختم ڪري ساڻس انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ اندر احتجاجي مظاهرن جو اعلان ڪيو ويندو،