(دادو رپورٽ) دادو جي گوپانگ محلا جي رهواسين عرفان پٽ ميھر علي گوپانگ پاران دادو پريس ڪلب پھچي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هن پنجاب واسي ناري مھرين ڌي محمد رياض چوهان سان نوشهروفيروز جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪيو آهي.نڪاح بعد سندس مائيٽ جان جا ويري بڻجي ويا آهن جنهن ڪري سندس زندگين کي خطرو آهي،پريمي چيو ته مهرين ۽ آءُ ڪراچي ۾ هڪ ڪمپني ۾ گڏ ڪم ڪندا ھئاسين جتان پيار ٿي ويو جنهن بعد پيار جو پرڻو ڪيو آهي، مهرين جي ماءُ زڪيا چوهان پاران ڪراچي جي سکن ٿاڻي تي اغوا جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آهي، ناري مهرين چيو ته هو پنهنجي مڙس عرفان گوپانگ سان رهڻ چاهي ٿي، مائٽ بنا جواز تنگ ڪري مڙس ۽ سندس مائٽن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي رهيا آهن، جوڙي آءِ جي سنڌ ،ڊي آءِ جي حيدرآباد، ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته فوري طور اسان پريمي جوڙي کي تحفظ ڏئي زندگيون بچايون وڃن ۽ داخل ڪيل ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن .