ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ۽ اتحادي فوجن 31 آگسٽ تائين افغانستان مان حتمي طور نڪرڻ لاءِ پاڪستان کي مدد جي درخواست ڪري ڇڏي.
طالبان سان جنگ دوران آمريڪي ۽ اتحادي فوجن جي مدد ڪندڙ 3 کان 4 هزار ماڻهو ڪراچي آندا ويندا، کين پاڪستان جي ويزا ڏني ويندي ۽ آمريڪا منتقلي کان اڳ هڪ مهينو ڪراچي ۾ رکيو ويندو.
پاڪستاني حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته آمريڪي ۽ اتحادي فوجن جي مدد ڪندڙن کي ڪراچي ۾ رهائڻ جو بندوبست سنڌ حڪومت ڪندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪابل مان پرڏيهين کي کڻي اڏام ڀريندڙ ڪيتريون ئي اڏامون سڀاڻي کان ڪراچي ۾ لينڊ ڪرڻ شروع ڪنديون، افغانستان مان نڪرڻ ۾ مدد جي درخوست آمريڪي فوج ۽ نيٽو ڪئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ان معاملي تي پاڪستان ۾ اعليٰ سطحي اجلاس راولپندي ۾ ٿيو، جنهن ۾ گهرو وزارت جي اختيارين ۽ ڊائريڪٽر جنرل سول ايوي ايشن اٿارٽي شرڪت ڪئي، جڏهن ته انتظامن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ هڪ اهم اجلاس ڪراچي ۾ به ٿيو.
سي اي اي ذريعن جو چوڻ آهي ته افغانستان مان آمريڪي مدد گارن کي ڪڍندڙ 5 شروعاتي اڏامون ڪراچي ۾ لهنديون، اسلام آباد ۾ رش سبب ڪڍڻ ۾ مصروف جهازن کي ڪراچي لاهڻ جو فيصلو ٿيو ۽ مجاز اٿارٽي جي منظوري کانپوءِ جهازن کي سڀاڻي ڪراچي ۾ لينڊ ڪرائڻ جو امڪان آهي.
ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته افغانستان مان 3 کان 4 هزار ماڻهن کي ڪراچي آندو ويندو، انهن جي رهائش جو بندوبست سنڌ حڪومت ڪندي، افغانستان مان نڪرندڙ ماڻهن کي آمريڪا منتقل ڪرڻ کان اڳ هڪ مهيني تائين ڪراچي ۾ رکيو ويندو.
پر سڃاڻ ڌرين خدشو ظاهر ڪيو آهي ته هن افغانين کي مقرر وقت ۾ نه موٽايو ويندو، ڇو ته ماضي ۾ به ايندڙ افغاني مستقل طور ڪراچي ۾ رهجي ويا، جن جي نيڪالي خلاف عوام ڀرپور احتجاج به ڪيا پر ڪو کڙتيل نه نڪتو.
ذريعن موجب ڪراچي آندل ماڻهو جناح ٽرمينل کان ٻاهر بسن ذريعي سنڌ حڪومت جي مقرر ڪيل هنڌ تي پهچندا، افغانستان مان ايندڙ اڏامون ملتان، فيصل آباد ۽ پشاور به آنديون وينديون، جڏهن ته لاهور ۾ اها سهولت فراهم ڪرڻ کان معذرت ڪئي وئي آهي.