راڻيپور رپورٽ سنڌ ۾ مسلسل ٻن سالن کان تعليمي ادارن جي تالا بندي خلاف راڻيپور ۾ سرڪاري ۽ پرائيويٽ استادن سميت شاگردن ۽ والدين پاران پير عبدالقادر شاھ پارڪ کان باب دستگير گيٽ تائين احتجاجي ريلي، تعليم تي بندش نا منظور ھٿ ۾ پلي ڪارڊ کڻي کڻو قلم کوليو ڪتاب انقلاب انقلاب جا نعرا اسڪول کولڻ جو مطالبو، تفصيل موجب راڻيپور ۾ تعليم جي بندش خلاف سرڪاري استادن ۽ پرائيويٽ استادن سميت سول سوسائٽي جي باشعور عوام پير سيد عبدالقادر شاھ پارڪ کان باب دستگير گيٽ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ، فياض حسين راڄپر ،لياقت ميراڻي، لياقت لاڙڪ ،ڪليم ﷲ ڀٽي ،امداد لاڙڪ عبدالغفار ڄامڙو ۽ ٻين انٽرنيشنل پريس ڪلب جي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت تعليمي ادارن کي بند ڪرڻ وارو اعلان ٻارڙن جي تعليم کي تباھ ڪرڻ جي سازش آھي اسڪول بند هئڻ ڪري ٻار تعليم جهڙي زيور کان محروم ٿين پيا سنڌ حڪومت ڪرونا جي نالي تي تعليم جو قتل ڪري رھي آھي اسڪول بند ڪري وڏي وزير مراد علي شاھ تعليم دشمني جو ھڪ چٽو ثبوت ڏنو آھي اسڪول کولڻ سان ڪرونا اچي ٿي باقي ٻين سنڌ حڪومت جي سرگرمين کي جاري رکڻ سان ڪرونا ڪونه ٿي اچي اھا تعليم دشمن سازش اسان قبول نه ڪنداسين هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ اندر سياسي مذهبي جلسا جلوس جاري آهن پر صرف تعليم تي بندش ڇو هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي ايس او پيز تحت اسڪول کوليا وڃن ته جئين شاگرد تعليم جهڙي زيور جي محرومي کان بچي سگهن. جڏهن ته ريلي ۾ جبران سرڪي، وقار ڀنڀرو، آصف علي راڄپر، گل خان سرڪي، ڪاشف علي پيرزادو، وحيد سولنگي، ڪامران شاھاڻي، سيف الرحمان شيخ، وسيم جتوئي، اڪرم ڀنڀرو ۽ ٻين سوين ماڻهن پڻ شرڪت ڪئي.