اسين سماجي طور تي تہ صفا پوئتي ڌڪيا ويا آهيون، پر سرڪاري طور تي بہ هن جمهوري نظام ۾ پنهنجو تہ ڪو قدر ئي ناهي رهيو، سڄي سنڌ ۾ جتي شعور جي لاٽ ٻارڻ لاءِ علمي خزانن سان ڀريل انسانن محنتون ڪيون هجن اتي وري جمهوريت پسند هٿ ۾ کڻڻ لاءِ ڪتاب بہ نہ ڏين تہ نہ رڳو زنده ماڻهن کي تڪليف ٿيندي پر انهن جو بہ روح تڙپندو هوندو جن سنڌ ۾ علم جي لاٽ ٻاري هئي، سنڌ کي سڃاڻپ ڏني هئي ۽ سنڌ جي تاريخ کي سنواريو هيو، بد قسمتيءَ سان ڪرتا ڌرتا بڻيلن کي قدر واري اک ئي ناهي جو هو ڪنهنجي محبت جو قدر ڪري سگهن، اسان وٽ باقائده اها ڳالهہ واضع ٿي وئي آهي تہ ”سنڌ علم سان سرشار هئي” وارو مثال مري چڪو آهي، ان کي هر رنگ ۽ روپ سان ماريو ويو آهي، هتي شعور بنهہ گهٽائڻ لاءِ ڪوششون جاري ساري آهن، بنيادي طور تي ٻارن جي هٿن ۾ ڪتاب ڏيڻ بدران ڇيڻي، تيشي ڏيڻ جا سانباهہ پيا ٿين ۽ اهو سڀ ڪجهہ آمريت ۾ نہ پر جمهوريت ۾ ٿي رهيو آهي، اهڙي جمهوريت جن وَٽ رت ڏيڻ جا مثال آهن، اهڙي جمهوريت جن وٽ قربانيون ڏيڻ جا مثال آهن، پر حقيقت ۾ اهڙو نطام آهي جنهن سان ٻارن جي بنيادي علم کي دفن ڪيو پيو وڃي، هي سڀ مثال هڪ ذڪر لاءِ آهن، هڪ دانهن جا آهن، اها دانهن ۽ ذڪر آهي هٿن ۾ ڪتاب ڏيڻ جو ۽ بنيادي پرائمري تعليم جي ڪتابن جو ذڪر آهي، جنهن کي سرڪاري ٻولي ۾ درسي ڪتاب چئبو آهي، سنڌ ۾ اسڪولن کي تالا هڻڻ جو نظام تہ هاڻي پئجي چڪو آهي پر سال جي 365 ڏينهن مان جيڪي ڪجهہ ڏينهن اسڪول کلن ٿا تہ وري شاگردن ۽ شاگردياڻين کي درسي ڪتاب نٿا ڏنا وڃن، جنهن ۾ دادو ضلعو پڻ انهن پرائمري اسڪولن ۾ شامل آهي، اهو دادو جنهن لاءِ مثال ڏنو ويندو آهي تہ دادو ضلعو ويٽنام آهي، دادو جي عوام اڳوڻي صدر ضياءُ الحق جي هيليڪاپٽر کي دادو جي زمين تي لهڻ نہ ڏنو پر نہ رڳو ايترو پر دادو جي ماڻهن جي خوف سبب کيس کي پناهہ وٺڻي پئجي وئي، ان کان علاوه اهو مثال تہ دادو ضلعي چار وزير اعلي ڏنا آهن، سنڌ جي موجوده وزير اعلي کي بہ دادو جو ئي سمجهو وڃي ٿو ڇو جو سندس ايم پي اي واري تڪ جو ڪجهہ حصو مڪاني نظام ۾ دادو جي ايم اين اي تڪ ۾ آهي، وزير اعلي پير الاهي بخش، وزير اعلي سيد عبدالله شاهہ، وزير اعلي لياقت علي جتوئي ۽ وزير اعلي سيد مراد علي شاهہ دادو ضلعي سان سلهاڙيل رهيا آهن پر اڄ نتيجو اهو آهي جو ٻيو تہ ڪجهہ نہ ئي سهي پر دادو ضلعي جي شاگردن کي درسي ڪتاب بہ ناهن ڏنا ويا، ضلعي جي هزارين شاگردن کان پرائمري تعليم کسڻ لاءِ سڀ هڪ آهن پر شاگردن جي پاسي ڪير ناهي، سنڌ سرڪار پاران تعليم جي بهترين دعوه کي سندن ئي اداري سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڌُوڙ ڪري ڇڏي آهي، دادو تعلقي جي 580 پرائمري اسڪولن جي 75 هزار 5 سو شاگردن مان 29 هزار 50 ٻارن لاءِ درسي ڪتاب نہ ملي سگهيا آهن، گذريل ٻن سالن جي ڪري متاثر ٿيل سنڌ جي تعليم سان سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ بہ نہ گهٽايو آهي، درسي ڪتاب نہ ڏئي سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ اداري ضلعي جي مستقبل کي گهُٽا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، دادو تعلقي جي پرائمري ۾ پٽي پڙهندڙ شاگردن لاءِ 16 هزار ڪتاب گهربل هئا تہ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ان جو ڇوٿون حصو مطلب 4 هزار ڪتا ب تعلقي تعليمي انتظامايا حوالي ڪيا، اهڙي ريت پهرين ڪلاس کان پنجين ڪلاس جي لڳ ڀڳ 29 هزار پرائمري شاگردن کي درسي ڪتاب ناهن مليا، جنهن ۾ پهرين ڪلاس جي 6 هزار پرائمري شاگردن، ٻئين ڪلاس جي 5 هزار پرائمري شاگردن، ٽئين ڪلاس جي 5 هزار پرائمري شاگردن، چوٿين ڪلاس جي 6 هزار پرائمري شاگردن، پنجين ڪلاس جي 5 هزار پرائمري شاگردن کي درسي ڪتاب نہ ملي سگهيا آهن، جنهن ڳالهہ تي تعليمي تعلقي انتظاميا بہ پريشان آهي، هزارين پرائمري شاگردن کي درسي ڪتاب نہ ملڻ سبب انهن پرائمري شاگردن جو گذريل جولاءِ مهيني ۾ پيپر ڏيڻ ۽ پاس ٿيڻ ڄڻ ڪو فائدو ئي نہ ٿيو آهي، ڇو جو شاگردن کي ڪتاب مليا ئي نہ تہ هو اڳتي پرائمري تعليم ڪيئن حاصل ڪندا؟ سڄي دادو تعلقي ۾ 29 هزار کان وڌيڪ ۽ دادو ضلعي جي ٻين تعلقن جوهي، خير پور ناٿن شاهہ ”ڪي اين شاهہ” ۽ ميهڙ تعلقن جي 30 هزار کان وڌيڪ پرائمري شاگردن کي پڻ درسي ڪتاب اڃا تائين نہ ملي سگهيا آهن، جيڪا ڳالهہ انتهائي پريشان ڪندڙ آهي پر سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي ڪن تي جوءِ اڃا تائين ناهي سُري، هن سڄي دانهن ۾ ڳالهہ رڳو تعليم جي ئي آهي، سنڌ جو مستقبل بنيادي تعليم سان بهتر ٿيندو، خانگي اسڪول ڀلي تعليم ڏين پر سنڌ جا ڏاها سرڪاري اسڪولن مان پڙهي تعليم جي حوالي سان وڏو نالو ٺاهي ويا، تہ پوءَ هن جمهوري نظام ۾ سنڌ جي موجوده تعليم نظام سان اهڙي حالت ڇو جو پرائمري سيڪٽر کي هٿ وٺي تباهہ ڪيو پيو وڃي؟ اهڙو سلسلو يا روش سنڌ سان ئي ڇو رکي وئي آهي جنهن سان جمهوري نطام جي هجڻ تي شڪ پيدا ٿين؟ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ دادو ضلعي سان ٻي اکيائي ڪئي آهي يا اداري جي عملدارن کان ڪير پُڇڻ وارو ناهي، ان لاءِ دادو ضلعي جي هزارين پرائمري شاگردن جي هٿن ۾ ڪتاب ناهن ڏنا ويا، سنڌ جي وڏي وزير ۽ دادو ضلعي سان سلهاڙيل سيد مراد علي شاهہ، ادب سان تعلق رکندڙ سنڌ جي تعليم کاتي جي صوبائي وزير سيد سردار علي شاهہ کان مطالبو ڪجي ٿو خدارا! ڪجهہ ڌيان ڌريو، وقت ۽ حالتون سدائين ساڳيون ناهن رهنديون، ان اهم مسئلي جو نوٽيس وٺي دادو تعلقي ۽ ضلعي جي پرائمري اسڪولن جي شاگردن کي ڪتاب ڏيارڻ لاءِ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ کان پڇاڻو ڪري دادو ضلعي جي هزارين شاگردن کي درسي ڪتاب ڏئي سندن والدين جي پريشاني ختم ڪيو ۽ مستقبل جي معمارن جي تعليمي مدد ڪري پنهنجي فرض تي پورو لهو.
daryakhan86@gmail.com
خدارا!! ڪُجهہ ڌيان ڌَريو
خبربابت پنھنجا تاثرات ونڊيو!
+1
+1
+1
Leave a comment