جيڪب آباد (رپورٽ) جيڪب آباد جي صدر ٿاڻي جي حد ڳوٺ عبدالله لاشاري ۾ درپالي برادري جي ٻن ڌرين ۾ لوڙھو اڏڻ جي معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو آهي، جنهن ۾ ڌرين ھڪٻئي مٿان لٺين، ڪھاڙين ۽ سروٽن جو وسڪارو لائي ڏنو.
جنھن جي نتيجي ۾ هڪ ڌر جو علي بخش ڌرپالي، عبدالوهاب جڏهن ته ٻي ڌر جو گلزار علي، ارباب، ظفرالله ۽ رحمت الله ڌرپالي سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، ٻنهي ڌرين جي جھيڙي سبب رتورت ٿيڻ بعد گهرن ۾ موجود ٻارن ۽ عورتن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويو.
جڏهن ته زخمين کي سول اسپتال پهچايو ويو، صدر پوليس موجب ته لوڙھي جي معمولي ڳالهه تي ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو آهي، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جا 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، جيڪي پوليس تحويل ۾ سول اسپتال ۾ علاج ھيٺ آھن، ميڊيڪل اچڻ بعد قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.
خبربابت پنھنجا تاثرات ونڊيو!
+1
+1
+1