ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ ڪورونا جي پکيڙ روڪڻ لاءِ صوبائي حڪومت سڀني لاءِ ويڪسين لازمي قرار ڏئي چڪي آهي، اهو ئي سبب آهي جو سنڌ حڪومت طرفان تعليمي ادارا وڌيڪ هڪ هفتو بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ان ڏس ۾ سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار شاهه اڄ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسڪول کولڻ کان اڳ مستقل حل ويڪسينيشن آهي، اسڪولن ۾ ويڪسينيشن جا انگ اکر گهٽ هئا پر هاڻ رپورٽ ملي آهي ته 80 سيڪڙو کان وڌيڪ ويڪسينيشن ٿي چڪي آهي، 30 آگسٽ کان 100 سيڪڙو ويڪسينيشن جي بنياد تي تعليمي ادارا کوليا ويندا، ٻارن جي والدين جا به ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ ضروري آهن.
ڪورونا ويڪسينيشن جي سلسلي ۾ سنڌ حڪومت طرفان هڪ ٻيو فيصلو سامهون آيو آهي، جنهن تحت هاڻ پينو فقيرن کي به ڪورونا ويڪسين لڳائي ويندي.
صوبائي صحت کاتي پينو فقيرن کي ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جي حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ سڀني ضلعي آفيسرن کي حڪم جاري ڪيا ويا آهن.
صحت کاتي موجب سڄي ملڪ ۾ هن وقت اڍائي ڪروڙ پينو فقير موجود آهن، جڏهن ته 70 هزار کان وڌيڪ پينو فقير هن وقت ڪراچي ۾ موجود آهن.
سنڌ جي صحت کاتي چيو آهي ته يوسي سطح تي پلان جوڙي پينو فقيرن کي ويڪسين لڳائي ويندي، انهن کي سنگلز ڊوز ويڪسين هنئي ويندي.