لاهور (ويب ڊيسڪ) 14 آگسٽ تي مينار پاڪستان تي ٽڪ ٽاڪر عورت هجوم هٿان هراسان ۽ تذليل جو نشانو بڻجڻ کانپوءِ ٽڪ ٽاڪرز لاءِ بُري خبر سامهون اچي وئي.
آزادي ڏهاڙي گريٽر اقبال پارڪ ۾ انتهائي افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي ٽڪ ٽاڪر عائشا اڪرم کي 400 ڄڻن هراسان ڪيو ۽ سندس ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيا هئا.
ان واقعي جو ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ ڪيتريون ئي گرفتاريون ڪيون ويون آهن، جڏهن ته پوليس طرفان وڌيڪ جاچ جو سلسلو پڻ جاري آهي.
هاڻ ان معاملي تي پنجاب حڪومت وڏو قدم کنندي صوبي جي سڀني پارڪن ۾ ٽڪ ٽاڪرز جي داخلا تي پابندي جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب پابندي تحت يوٽيوبر ۽ ٽڪ ٽاڪر پارڪن ۾ وڃي ڪنهن به قسم جي ويڊيو نه ٺاهي سگهندا، جڏهن ته رڳو نيشنل ميڊيا کي ويڊيو ٺاهڻ جي اجازت ڏني ويندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سوشل ميڊيا لاءِ ويڊيو ٺاهڻ لاءِ اجازت اڳ ۾ اسڪرپٽ جمع ڪرائڻ سان مشروط هوندي، جڏهن ته پارڪن ۾ مقرر سيڪيورٽي اهلڪار ٽڪ ٽاڪرز ۽ يوٽيوبرز تي نظر رکندا.
ذريعن موجب پنجاب حڪومت سڀني وڏن پارڪن ۾ فيملي بنا داخلا تي به پابندي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته اسڪول ۽ ڪاليجن جي يونيفارم وارم شاگردن کي به پارڪن ۾ وڃڻ جي اجازت نه هوندي پر ان حوالي سان حتمي منظوري پنجاب جو وڏو وزير ڏيندو.