نيوسعيد آباد: نيو سعيدآباد لڳ هڪ ئي خاندان جا 3 ڄڻا ڪورونا وگهي فوت ٿي ويا، ڪورونا سبب فوتگين کانپوءِ علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو آهي.
نيوسعيد آباد جي ڳوٺ بلوچ خان جمالي ۾ ڪورونا وائرس سبب رفيع الدين جمالي، سندس گهرواري ۽ پٽ عباس جمالي فوت ٿي ويو آهي.
رابطو ڪرڻ تي ڊي ايڇ او مٽياري ڊاڪٽر يار محمد کوسو فوتين جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته ساڳئي خاندان سان تعلق رکندڙ 2 ڄڻا ڪورونا وائرس ۾ مبتلا هجڻ سبب نواب شاهه جي اسپتال ۾ داخل آهن، جن جو علاج هلندڙ آهي.
واقعي کانپوءِ صحت کاتي طرفان علائقي ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪندي علائقي واسين لاءِ ڪورونا وائرس کان بچاءُ واري ويڪسين لڳرائڻ جو سينٽر پڻ قائم ڪيو ويو آهي.