چيني سفير نونگ رونگ گهرو وزير شيخ رشيد احمد سان ملاقات ۾ چيو آهي ته پاڪستان ۾ چيني ڪمپنيون مختلف منصوبن تي ڪم ڪري رهيون آهن. چيني شهرين ۽ ڪمپنين جي لاءِ سيڪيورٽي پروٽوڪول وڌيڪ سخت ڪيو وڃي. گهرو وزير شيخ رشيد ملاقات دوران يقين ڏياريو ته چيني شهرين ۽ ڪمپنين جي سيڪيورٽي لاءِ وڌيڪ بهتر قدم کنيا پيا وڃن. پاڪستان ۽ چين جي گڏيل تعاون ۽ ترقي کي دهشتگردن جي هٿان يرغمال ٿيڻ نه ڏينداسين.
ان موقعي تي گهرو وزير چيو ته افغانستان ۾ تبديل ٿيندڙ حالتن کي نظر ۾ رکندي اسان جو خطو وڌيڪ اهميت اختيار ڪري چڪو آهي افغانستان ۾ پائيدار امن خطي جي ترقي ۽ دنيا جي سلامتي لاءِ اهم آهي. پاڪستان افغان امن ۽ اتي مستحڪم حڪومت جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو. گهرو وزير افغانستان مان نڪرندڙ عوام جي مدد ڪري رهي آهي.