ھڪ ساھ جي تڪليف وارو ماڻھو ڌوڙ ۽ مٽيءَ واري رستي سان پيادل سفر ۾ ھجي اتي ھڪ تير رفتار ويگو گاڏي وارو مينھن واءُ ھڪ ڪري گذري وڃي اھو ماڻھو ان گاڏي واري کي يا سماج کي گاريون ڏيڻ بجاءِ پنھنجي علاج کان پھرين اھو روڊ تعمير ڪرائي ڇڏي اھو به انھيءَ نيت سان ته آئينده ڪنھن بہ ساھ جي تڪليف واري ماڻھو کي تڪليف نه پھچي پر ان سان گڏ سماج جو ھر فرد صاف سٿري فضا ۾ ساھ کڻي ،ائين ھڪ لوئر ڪلاس جو امير دل جو انسان علم ادب سان واڳيل نوجوان پنھنجي ٻچڙن کي پرائيويٽ اسڪول ۾ نه پڙھائي سگھي گھر کان ٻاھر گھٽين ۾ ڦرندڙ ميرن ميرن ٻارڙن کي ڏسي اکين ۾ ڳوڙھا آڻي ۽ پنھنجن ٻچڙن جھڙو پريشان ٿئي ان پريشاني ۾ جنھن اوھان وٽ ڪي به مالي وسيلا نه ھجن ھڪ جستجو ھڪ ھمت ھڪ وچن ئي اوھان حوصلو ھجي ته گھٽين ۾ رھندڙ ميرن ٻارڙن کي به پنھنجي ٻچڙن لاءِ ڏٺل خوابن جھڙو ئي پڙھائڻو آھي نہ ته پنھنجي ٻارڙن کي به پڙھائبو ناھي اھا سوچ ڌاري پنھنجي گھر جي جي لاءِ ورتل ھڪ ئي پلاٽ م گھر تعمير ڪرڻ بجاءِ آھستي آھستي ھن ھڪ اسڪول جوڙيو پاڻ ساڳيو ئي ڪرائي واري گھر ۾ رھائش پذير رھيو اسڪول تعمير ٿيڻ کان پوءِ گھرواريءَ سميت انھيءَ اسڪول کي بنا معاوضي بنا پئسن ،بنا فيس جي پڙھائڻ لڳو نيٺ ھن نوجوان جا ڪشالا ڏسي ھڪ عالمي اداري ھن جي اسڪول جي ٻارن کي مڪمل تعاون شروع ڪيو ھنن ٻنھي ڄڻن غريب مسڪين ماڻھن جي ٻارن کي جديد ترين طرز جي پرائيويٽ اسڪولن جي تعليم جھڙو ٺاھيو، اڳتي ھلي بہ ھن ۾ ڪا به لالچ پيدا نه ٿي ويتر ھي غريب مسڪين مزدور طبقي جي ميرن ٻارڙن کي اسڪول ۾ پڙھندو ڏسي روح جي تسڪين وٺندو رھيو،بارالحال اڳتي ھلي ھن جي نگرانيءَ ۾ ٻھراڙيءَ جا بہ ڪجھ اسڪول ھلڻ لڳا جن جي به عالمي ادارو مدد ڪندو رھيو ھاڻي انھن اسڪولن جي والدين کي نه ڪتابن جو فيس جو نه ڊريس جو فڪر آھي،ھاڻ مونکي ائين لڳندو آھي ته جيئن ڪن ماڻھن جو تعليم ۽ علم ۾ جياپو ھوندو آھي يا تعليم ۽ علم جيئدان ھوندو آھي زندگيءَ جا سڀئي پهر سڀئي گھڙيون ان جي لاءِ ئي مختص ڪيل ھونديون آھن اسان جي ھن يار جي ساھ جو سرشتو به ڄڻ تعليم ۽ علم سان آھي چانھ جو ڪوپ پيتو نه پيتو صبح جو ناشتو ڪيونہ ڪيو پر پنھنجي علم پنھنجي جيئدان مان سوير پهچي ونڊ ضرور ڪرڻو آھي ۽ ونڊ ڪري جند به ناھي ڇڏائڻي انھن جي اسڪول لاءِ انھن جي فرنيچر لاءِ انھن جي اسڪول ڊريس لاءِ ڪوشان ۽ فڪرمند رھڻو آھي، ۽ وري زندگيءَ جي جستجو کي اتي ئي فل اسٽاف يا ڪاما ناھي ڏيڻي ادبي سنگت جي پروگرامن۾،گڏجاڻين ۾ پنھنجي شاعري پنھنجيون لکيل ڪھاڻيون به ٻڌائي ٿو ھن جي قلم ۾ ته مظلومن جو آواز آھي ئي پر ھن جي حوصلن به غريبن جي آواز جي وڏي بلندي آھي جنھن جو تازو مثال سندس ھڪ وڏيري نما گودام انچارج طرفان اسڪول جي رستي بند ڪرڻ جو آھي ،ھي مظلوم ماڻھن جو آواز پھچائڻ لاءِ اخباري ڪالم لکي پڻ ھن معاشري جي نمائندگي ڪري تو ،اسان جي ھن يار جو مقصد تعليم عين عبادت آھي جو اڄ جنم ڏينهن آهي اسان طرفان جنم ڏينهن جون کوڙ ساريون واڌايون باقي دعائون غريب ٻارن جي والدين جون ئي کوڙ آھن جن کي پهريان پيٽ کان وڌيڪ پنھنجي ٻارن جي تعليم جو فڪر ھيو، پيارا سليم رضا سولنگي توکي کوڙ ساريون جنم ڏينهن جون واڌايون