سفرِ انسانيت ڏاڏي آدم جي وجود کان شروع ٿئي ٿو ۽ منزل وري ڪڻڪ جي داڻي جي ارتقاب گناھ بعد عمل ۾ اچڻ لڳي ٿي، جيڪڏھن انسان، انسان جي جسم ۾ نمودار نه ٿئي ھا ته ھڪ فرشته صفت شيطان شيطانيت نه ڪري ھا، ان بعد ھڪ انسان انسانيت جي طرف سفر جي شروعات ڪري ٿو ته ٻي طرف شيطان شيطانيت جي ڦهلاءَ لاءِ ھٿ پير ھڻڻ شروع ڪري ٿو دخل انسان جي انسانيت جي سفر سان. سفر، سفر رھڻو آھي ۽ منزل، منزل جي تلاش ۾ ھميشه سفر ۾ رھڻي آھي، ائين ابد کان ازل تائين هلڻو آهي، ائين زندگي امڙ جي گود کان قبر جي ڪاري رات تائين وچ واري وسعت وڇوٽي يا سمان جوڀَنَ ڏِينهَن ۽ مست راتيون جاڳڻ يا سمھڻ ۾، مطلب ته سفر ته گذرڻو آھي ئي آھي، پنڌ وري منزل تي پھچي کٽندو آھي، ائين زندگيءَ جا زندگيءَ ۾ سفر، ڪنوار پڻ کا گھر وارو يعني ازدواجي زندگيءَ ۾ پاٽنر لائيف سان جڙندڙ ھڪ ڇُڙواڳ کي ذميداري ۾ ذميوار ڪرڻ، جيئن ھڪ بيروزگار کي روزگار يعني نوڪري ۾ اچڻ ۽ فرائض سرانجام ڏيڻ ۽ محسوس ڪرڻ نوڪري ته ٽوڪريءَ آھي، وقت جي قائدن ۽ قانونن کي سمجھڻ، پابندي جو احساس پيدا ٿيڻ، ائين ھڪ شھر کان ٻئي شھر، ھڪ ملڪ کان ٻي ملڪ تائين جو سفر، ھڪ پيادل سفر آڳاٽي زماني ۾ اٺن ۽ گھوڙن تي ھاڻ وري گاڏيون ۽ جھاز وغيره مطلب سفر ته وري به سفر، چون ٿا ته ھڪ کان ٻي طرف ھلڻ سان ھڪ ته آب ھوا تبديل ٿئي ٿي ٻيو وري جاگرافيائي لحاظ کان مختلف جڳهن تي وڃڻ ٿئي ٿو، پوءِ ڀلي اُھي ڪاروباري ھجن يا ثقافتي سير تفريح گاهون پر ماحول ۽ ذھن نواڻ محسوس ڪري ٿو. اھڙي ريت ستارہ شناس وري چون ٿا ته سفر ڪرڻ سان ستارہ تبديل ٿين ٿا ۽ گردش ۾ ستارہ جڳهه مٽائين ٿا ۽ زندگيءَ جي وھنوار ۾ نمايان تبديلي اچي ٿي، جيڪڏھن سفر گڏيل ۽ قافلي نما فيمليءَ ۽ دوستن سان آھي ته ھڪٻئي کي سمجھڻ ۾ آسانيءَ پيدا ٿيڻ جو سبب بڻجي ٿي ۽ ضروري آھي ته سفر جون گُھرجون ۽ تڪليفون ٿڪاوٽون ھڪ يادگار طور ھميشه ياد رکجن ٿيون پوءِ وري پنهنجي نئي نسل کي گفٽ طور ٻڌائجن ٿيون، ائين واري روحانيت جا سفر جنهن لاءِ شاھ صاحب فرمايو ته،
پيرين پنڌ ڪَندياس
يعني پيرن تي پورو پورو زور ڏيندس، پيرن پنڌ ڇڏيو ته،
گوڏن ڀر گِسڪندياس
سفر ڇڏڻو ناھي، جيڪڏهن سفر منقطع ٿيو ته پوءِ منزل تي پھچي ڪو نه سگھبو، سيني سان به ڪوشش ڪبي سرڻ جي، سيني جو ساٿ نه رھيو ته ٺوٺين تي زور ڏبو، ائين سر مٿي کي به استعمال ڪبو، پر پوءِ به ھار ڪون مڃبي، جيڪڏهن منزل نه به ملي تڏھن به سفر ۾ دم ڏبو پر پوئتي ڪو نه ھٽبو متان اچڻ وارن کي مايوسي نه ٿئي، تڏھن ته اھو ڪارڻ آھي سائنس وارن سائنسدانن ان ميدان ۾ تحقيقاتون جاري رکيون ته ڪافي منزلون ماڻيون، دنيا وارن اقتدار جي رساڪشي ۾ ھمڪنار ٿيا، ڪاروباري حضرات ڪاروبار ۾، روحاني ماڻھو روحانيت ۾، چوڻ جو مطلب سواءِ جدوجهد جي منزل ڏانهن روان دوان نٿو رھي سگھجي سواءِ سفر جون اذيتون ۽ دشواريون سميٽڻ کان سواءِ، بس سڄو نچوڙ ئي سفر آھي، سفر آزمائش ۽ ڪاميابي جي وچ واري راهه آھي، ائين جيڪڏھن گھر ويٺي ثواب جھجو ملي ھا ته مسجد ڏانهن ڪو نه وڃجي ھا، ائين وري سفر يعني سفرِ زندگيءَ آھي، زندگي وري موت جي آغوش کان آخري سفر آھي سڀني سفرن کي سٺو ٺاھڻ وارو ھٿيار ڪردار آھي، جيڪڏهن اهو آھي ته ساٿي سفر جا به مطمئن ٿيندا اوھان جي سفر مان، دوستيون ۽ ياريون وڌنديون، ھڪٻئي جا اخلاقي پلس پوائنٽ گوءِ کڻندا، ائين معاشرو سٺائي طرف وڌندو، سفر ھڪ تربيت ۽ ترتيب جو به سبق بڻجي ٿو، گھر ۾ ماڻھو وقت جو قدر نٿو ڪري پر سفر ۾ قدر ڪرڻو پوي ٿو نه ته سواري ۽ ساٿي نڪري وڃڻ جو انديشو رھي ٿو، ائين زندگيءَ ۾ ثواب ۽ گناھن جو گڏوگڏ سفر ڪرڻ بعد به ھڪ اونھو رھي ٿو ته آخري سفر ۾ ڪنھن جو ساٿ وڌيڪ ڪارآمد ثابت ٿيندو پوءِ زندگيءَ جي آخري سفر جي ٿڪاوٽن يعني پيرسنيءَ ۾ يا آزمائشن ۾ جيڪڏھن پڇتاءُ اچڻ لڳي ته سمجھو ڪاميابي اوھان کي ڳولي پئي، ھاڻي شايد اوھان پنھنجي ڪنھن گمشدہ شيءِ کي ھٿ ڪري وٺندو. درويش سائين جون ڳالهيون ٻڌڻ بعد سوچيو سون ته سفر لازمي آهي منزل تي پھچڻ لاءِ بس ائين اجازت وٺي روميءَ جي اوطاق مان ٻئي ڏينهن تي حاضري ڀرڻ جو شوق رکي ھلڻ شروع ڪيوسين.
سيد غلام حيدر شاھ قلندري