اڄ جا ٻار جيڪي مستقبل جا معمار آهن ۽ هن ملڪ سميت سڄي دنيا جي مستقبل جي ڪاروهنوار جي ذميواري سندن ڪلهن تي هوندي، انهن ٻارن تي جبر بدران سندن مرضي موجب تعليم سميت سندن مستقبل جي حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي، ڇاڪاڻ جو اسان وٽ بيورو ڪريسي ۽ پوليس ۾ ڪيترائي انجنيئر ۽ ڊاڪٽر آهن, تقريبن 80 جي ڏھاڪي کانپوء ۽ 2000ع جي دوران اڪثر اهي ماڻهو بيوروڪريسي ۾ آيا جيڪي ڊاڪٽر ۽ انجنيئر آهن, ڇاڪاڻ جو اسان وٽ ڪيريئر ڪائونسلنگ جو رجحان ئي ناهي, ٻار کي والدين جبري طور تي اهو پڙھائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا جنهن طرف انهي ٻار جو رجحان ئي نٿو هجي, پوء جڏھن اهي ٻار وڏا ٿين ٿا ته کين پنهنجي ڪيريئر جي چونڊ وقت اهي ڪميشن پاس ڪن ٿا ۽ بيورو ڪريسي ۾ وڃن ٿا, انهي سان هڪ طرف انهي ٻار جون صلاحيتون متاثر ٿين ٿيون ته ٻئي طرف اسين انهي ڊگري هولڊر ڊاڪٽر يا انجنيئر کان محروم ٿي وڃون ٿا, جنهن سبب انهن ٻنهي شعبن ۾ اسان انفرادي کوٽ کي منهن ڏيئڻو پوي ٿو, هن وقت جڏھن اي ليول ۽ او ليول جا تعليمي ادارا موجود آهن تڏھن اتي ته ڪيرئير ڪائونسلنگ ٿئي ٿي پر عام هنڌن تي نٿي ٿئي, ان حوالي سان سيوهڻ جي ڳوٺ ميان موٽڻ واسي امام علي ڏيٿو جو تازو ڪتاب آيو آهي, جيڪو پهريون ڀيرو صرف ڪيريئر ڪائونسلنگ تي ٻڌل آهي, جنهن ۾ ليکڪ مستقبل جي معمارن ۽ موجوده دور جي نوجوانن جي ڪيريئر ڪائونسلنگ بابت بهترين ڄاڻ پڙهندڙن سان ونڊي آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو آهي ته هر ٻار کي اها آزادي هجڻ گهرجي ته پنهنجي ڌيان, سمجهه , سگهه ۽ سوچ مطابق پنهنجو مستقبل ۾ شعبو اختيار ڪري سگهي, ان مطابق سندن صلاحيتن کي سامهون رکندي مڪمل ڄاڻ ۽ معلومات فراهم ڪئي وئي آهي, جيتوڻيڪ ليکڪ هڪ صحافي به رهيو آهي پر تازو هن زيبسٽ مان ايجوڪيشن ليڊرشپ اينڊ مينجيمنيٽ سائنس ۾ ماسٽرس آف سائنس به ڪئي آهي، ساڳي سبجيڪٽ ۾ هو پي ايڇ ڊي به ڪرڻ چاهي ٿو، تعليم ۽ انهي تعليم ذريعي ليڊرشپ توڙي مينجمينٽ هڪ اهم موضوع آهي، انهي تي ڪم ڪرڻ لاءِ وڏي جدوجهد گهربل آهي، ڇاڪاڻ جو تعليم رڳو ڊگري جو نالو ناهي، هر تعليم جو هر هڪ قدم تحقيق ۽ تدريس ڏانهن وڌي ٿو، هن پنهنجي ڪتاب ۾ مختلف محققن جا حوالا ڏئي انهن جي ڳالهين تي پنهنجي راءِ جوڙيندي اسان کي آگاهي ڏني آهي ته ڪيئن پنهنجي مستقبل کي سنوارڻ لاءِ قدم اڳتي وڌايون، هن لکيو آهي ته آمريڪا جي نفسيات جي ماهرن اها دعوي ڪئي آهي ته ٻين جي همدردي يا مدد ڪرڻ چاهيو ٿا ته ناول پڙهو، يقينن اها اسان جي سماج ۾ اڳي کان ئي ٻين ڪاڻ جيئڻ واريون چوڻيون موجود آهن، ڇاڪاڻ جو اڳي اسان جون نانيون ۽ ڏاڏيون ڪهاڻيون ۽ قصا ٻڌائينديون هيون، انهن ۾ انسانيت لاءِ خدمت جي جذبي جو پيغام هوندو هو، انهن ڪهاڻين ۾ ڪيترين ئي خوشين ۽ ڏکن جو ذڪر هوندو هو، جن کي ٻڌي اسان جا ڪڏھن ٽھڪ ته وري ڪڏھن لڱ ڪانڊارجي ويندا هئا ۽ ان ڪهاڻي ۾ مظلوم جي ڪردار تي وڏي همدردي پيدا ٿيندي هئي، اڄ نفسيات جا ماهر ان ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي جڏهن ڏسن ٿا ته گڏيل خانداني قصو ختم ٿئي پيو تڏهن انهن ناولن جو ذڪر ڪيو آهي ته جيئن ناول پڙهي اهي همدردين جي مستحقن لاءِ احساس پيدا ڪري سگهن، ڪتاب ۾ ذڪر آهي ته ٻارن کي جڏهن والدين وقت نٿا ڏين ته انهي جا ناڪاري اثر پون ٿا، ٻار وڊيو گيمز ۽ انٽرنيٽ تي وقت گذارين ٿا، سڄو ڏينهن جيڪڏهن ٻارن کي روبوٽ جيان پڙهائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ته اهي ٻار پاڻ کي ريفريش ڪرڻ لاءِ انهي ليپ ٽاپ يا ڪمپيوٽر ۾ موجود گيمز واري آپشن تي ڪيئن نه ڪلڪ ڪندا? انهي ڪري ضروري آهي ته ٻارن کي والدين ٿورو گهڻو وقت ڏين، انهن کي اڪيلائپ بدران هر وقت ساڻن گڏ هجڻ جو احساس ڏيارين ته جيئن انٽرنيٽ جو منفي بدران مثبت استعمال ڪن، نه ته ٻار ڊپريشن جو شڪار ٿي سگهن ٿا، ساڳي وقت اهو به لکيل آهي ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو ذهني طور ٿڪل آهي يا پريشان آهي ته اهو ڪا سٺي مزاحيا فلم ڏسي وٺي ته انهي دوران کلڻ سان ذهن تي دٻاءُ وجهي مايوس ڪندڙ ڪيميائي مادا گهٽجڻ لڳندا ۽ پريشاني بدران خوشي محسوس ٿيڻ لڳندي، جيڪو ڪجهه خاص حالتن ۾ ڪڏهن ڪڏهن ممڪن ناهي هوندو، پر جيڪڏهن پاڻ چاهيون ته اهو سڀ ڪجهه ممڪن ٿي سگهي ٿو. اهڙي عمل سان جيڪڏهن ڪو خوف ناڪ ڪردار مزاحيه انداز ۾ ڏسجي ٿو ته انهي جو خوف به ختم ٿي ويندو آهي، ڪتاب ۾ نفسيات جي ماهر رچرڊ وائز مين جي حوالي سان لکيل آهي ته رچرڊ وائز مين جو چوڻ آهي ته ماڻهو پنهنجي قسمت کي سٺو يا خراب پاڻ بڻائين ٿا ۽ اها حقيقت به آهي، مثال طور اسان وٽ جيڪو مزدور روزاني 300 روپيا ڏهاڙي ڪمائي ٿو، اهو جيڪڏهن سو روپين جا سگريٽ ساڙي ٿو ڇڏي ۽باقي 200 ۾ ٻيون ضرورتون پوريون ڪري ٿو ته هو رڳو پنهنجون ضرورتون پوريون ڪري ٿو ۽ ضرورت پوري ڪرڻ سان قسمت بدلجڻ مشڪل آهي، پر جيڪڏهن اهو ئي شخص سگريٽن وارا پئسا بچائي ۽ باقي خرچ جيئن جو تيئن هلائي ته ممڪن آهي ته سندس اهي سو رپيا اڳتي هلي هزارن ۾ ٿي وڃن ۽ آهستي آهستي سندس قسمت بدلجڻ شروع ٿي وڃي، بقول رچرڊ جي ته نون موقعن مان فائدو وٺندڙ، دل جي ڳالهه تي عمل ڪرڻ، ڪاميابي جي اميد رکڻ ۽ هاڪاري رهڻ وارا ئي ماڻهو اصل ۾ ڪامياب ٿيندا آهن، جيڪو ماڻهو موقعو ملڻ تي صحيح فيصلو نٿو ڪري سگهي يا وري انهي وقت دل جي ڳالهه ٻڌڻ کان گهٻرائي ٿو ۽ ڪاميابي جي اميد نٿو رکي منفي سوچي ٿو ته اهو اڳتي نه وڌي سگهندو، ٻيو ته اسين سدائين هر ماڻهو کي خوش رکڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا جيڪو ناممڪن آهي، انهي ڪري ڪنهن کي خوش رکڻ يا ناراض ڪرڻ واري سوچ کان بالاتر ٿي پنهنجي راه تي هلندو رهڻ سان ئي اڳتي وڌڻ جا امڪان هجن ٿا، ڪيترائي ماڻهو تبديلي کان خوفزده ٿين ٿا، ڇاڪاڻ جو اهي انهي ڌارا مان نڪرڻ کان لنوائيندا آهن، جتي هو بيٺل هوندا آهن, جڏهن ته تبديلي فطري آهي ۽ اها اڻٽر آهي انهي ڪري هر حال ۾ تبديلي کي قبول ڪجي، پنهنجي ناڪامين تي ڪاميابن کي قابض ڪجي، زندگي ۾ احساس ڪمتري جو شڪار ٿي پاڻ کان ٻين کان گهٽ نه سمجهيو وڃي، پر انهي جو مطلب اهو هرگز ناهي ته عاجزي کي ڇڏي ڏجي، ڇاڪاڻ جو عاجزي ۽ احساس محرومي ۾ به فرق آهي، زندگي جي تلخ ڳالهين کي گهڻو سوچڻ کان بهتر آهي ته انهن کي وساري ننڍين ننڍين خوشين مان لطف اندوز ٿيڻ جي ڪوشش ڪجي، ڪتاب ۾ لکيل آهي ته کاٻي هٿ سان لکندڙ کاٻڙيا هر فن مولا ۽ بهترين ليڊر ٿين ٿا، جنهن ۾ ڏنل مثال مطابق آمريڪا جا 8 صدر، مائڪرو سافٽ ڪمپني جو مالڪ بل گيٽس، برطانيا جي راڻي وڪٽوريا، فلاسافر ارسطو، مشهور اداڪار امتياڀ بچن ۽ ٻيا ڪيترائي نالا آهن، جيڪي کاٻڙيا آهن ۽ زندگي کي ڪاميابي سان گذارين ٿا, انهي ڪري هن ڪتاب ۾ پنهنجي صلاحيتن کي اجاڳر ڪرڻ توڙي پنهنجي مستقبل جي حڪمت عملي ۽ رٿابندي لاءِ ڪيتريون ئي اهم ڳالهيون آهن، مونکي خوشي آهي ته سنڌ جو هر نوجوان پنهنجي شعبي ۾ پاڻ ملهائي رهيو آهي، ايئن ئي امام علي ڏيٿو پنهنجي هن لکڻي ذريعي اسان جي مستقبل جي معمارن جي ڪيريئر ڪائونسلنگ لاءِ پنهنجي قلمي ڪاوش ڪئي آهي.