سکر(بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف نادرن سنڌ سکر ريجن جي جنرل سيڪريٽري مبين احمد جتوئي گوادر ۾ چيني ڪافلي تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ھن چيو آھي تہ واقعو پاڪ چيني دوستي کي نقصان پھچائڻ لاء ڪيو ويو آھي. پاڪ چين دشمن سازشن تحت اھو حملو ڪيو ويو آھي. اھڙن حملن سان پاڪ چين ۾ ويڇا وڌائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وئي آھي. ھن اھڙيون ڳالھيون تحريڪ انصاف سيڪريٽريٽ سکر کان جاري ڪيل بيان ۾ ڪيون. مبين احمد جتوئي چيو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت پاڪستان ۾ سي پيڪ جھڙي منصوبن کي عملي جامو پهرايو ۽ چين سان دوستي لاءِ ھر ممڪن ڪوشش ڪئي آھي. چين سان اسان ھر ڏکي وقت ۾ گڏ آھيون. ھن چيو ته پاڪ چين دوستي جي مخالفن چيني ڪافلي حملو ڪري پاڪ چين دوستي ۾ ويڇا وڌائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي آھي. پاڪستان ۽ چائينا دوست ملڪ آھن ٻنھي ملڪن ھر ڏکي وقت ۾ ھڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آھي اھڙين حرڪتن سان اسان جي دوستي ۾ رڪاوٽون نه ٿيون وجھي سگھجن. مبين احمد جتوئي چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جي مقبوليت ڏسي عاملي مخالف قوتون بوکلاھٽ جو شڪار ٿي ويون آھن. پاڪستان ۽ چين خطي ۾ امن ۽ ڀائيچاري ۾ اھم قردار ادا ڪري رھيو آھي. ھن چيني ڪافلي تي حملي دوران زخمي ٿيندڙن جي صحتيابي لاءِ قوم کي دعا جي اپيل پڻ ڪئي.