واندڪائيءَ ۾ بي چيني ۽ بي چينيءَ ۾ نفسا نفسي آھي، سڀ ڪارڻ موجوده سرگرمي فتنه انگيز پيغام کي عام ڪرڻ لاءِ پليٽ فارم مھيا ڪن ٿا، ڪو ڪم ڪار نه ھئڻ جي صورت ۾ جتي درسگاھون تالن جي ور چڙھيل، شاگرد ۽ استاد سڀ فري ويٺل، سوشل ميڊيا تي ڪِٿان کان ڪا پاروٿي ڪنھن پوسٽ جو اخراج ٿيڻ بس ان کي ڪاپي پيسٽ ڪرڻ ۽ شيئر ڪرڻ شروع ڪيو ٿو وڃي، نه ئي انت نه ڪو منطق، بس ڪنهن نه ڪنهن ڳالھه مان ڳالھوڙو ٺھي، خاص ڪري اڳواڻي ڪرڻ وارو شيطاني ذھن جيڪو فھرست ۾ مشھور ٿيڻ لاءِ وجهه ڳولڻ ۾، ڇو ته ائين ويجھڙائيءَ ۾ ٿيل اشوز ته رات جي پيٽ ۾ گھڻا گوشه نشين حضرات شھرت جي بلندين تي چڙھي ويا، ماٺ ماٺ ۾ ليڊر بڻجي ھڪ فورم بڻجي ويا، ڏيکا ڏيکيءَ ۾ ڪنھن مذھب جو سھارو ورتو، ڪنھن وري ڪنھن چور کي معصوميت ۾ رنگي سياست ڪئي، بس جنهن کي جتان جيڪو ھٿ چڙھيو، ڪجهه لفنگا قسم جا شرارتي عناصر، ڪي وري ھميشه پگهارون کڻندڙ ھڪ اھڙن فتناگيري وارن ٽولن سان منسلڪ جنهن جو ھميشه ٽارگيٽ امن امان کي ٽوڙڻ ھڪ مضبوط نظام اسلام کي مختلف سوچن ۾ تقسيم ڪرڻ جو ٽاسڪ مليل، اھڙي ريت وحدت ۽ ملت کي نقصان رسائي افراتفري جو عالم پيدا ڪري پرڏيھي عناصرن کي باور ڪرائڻ ته خانه جنگيءَ جھڙو ماحول آھي، وڏي ۾ وڏي شرارت دين حق کي نقصان پھچائي اھو تصور ڪرائڻ ھي ڇڙو ڇڙ مذھب آھي. ٻي طرف ڪنھن اقتدار واري ڪرسيءَ کي لوڏڻ لاءِ ھي ھڪ بھترين حربو آھي ته اھڙا انتشار ڦهلائي تخت وارن کي تختي تي آڻجي ۽ تختي وارن کي تخت تي، اھا ھڪ روايت ھميشه رھندي آئي آھي، اسانجي ويچارڙي عوام انھن ۾ معصوم ٻارڙا اُھي اڳ ۾ باقي وڏا کڙپيل سمجھاڻيون ڏيندين اُھي پيا محسوس ٿيندا ڄڻ ڪشمير اجھو پئي فتح ٿئي، جيڪڏھن ڪو ٺُڙڪو ڪٿان ٿئي ته ڀڄڻ جا به اھڙا تڪڙا جو شلور به اڌ آلي ڪريو وٺيو نڪرن، جيڪڏهن قانون جي پڪڙ ۾ اچن ته مِٺو وانگر ائين پيا ٻولين ڄڻ انسانيت جا وڏا خير خواهه. بس ڪي مذهبي رواداري جا ڏھاڙا نه اچن اڳ ۾ ئي غلط غلط وجهه ۽ مدي خارج سوچون پوسٽون لڳڻ شروع، مٿان وري ڀلو ٿيو ٽڪ ٽاڪ وارن جو جنھن سڀ ڪم سَولا ڪري ڇڏيا، بس شھرت جا عادي مجرم سڀ ٽڪ ٽاڪ تي مشھوري ماڻڻ لاءِ پنهنجون عزتون قربان ڪريو ڇڏين پوءِ ڏوھ تماشائين جو، تماشي وارا ته تماشو ڳولين اوھان کي ھُشيون ڏئي اڳتي ڪندا ڀڄڻ ۾ اوھان کي رسائيندا ئي ڪو نه، بس ڪجهه ٿڌو ڪري کائڻ سکو، ڇا لاءِ ڪنھن جي دل آزاري ڪجي، ھر ڪنھن کي پنهنجي حال تي ڇڏي ڏجي، سمجھائڻ جا طريقا ٻيا گھڻا آھن ضد ۽ ويڙھ سان ڪڏھن اصلاح ٿي آھي جو جيڪا ھاڻي ٿيندي، ضد سان ضد وڌندو آھي، صبر سان ملڪ ۾ امن امان خوشحالي ايندي، ڪاروبار وغيره کُلندا، برڪتون پونديون. درويش جلديءَ ۾ پنهنجي گفتگو ختم ڪندي ڇِيڻن جي ٻرندڙ ٽانڊن تي پنهنجي مشڪ مان ٿڌي پاڻي جا ڇنڊا ھڻندي مسڪرائيندي اسان کان موڪلايو.