سانگهڙ (رپورٽ) سانگهڙ ويجهو منگلي ٿاڻي جي حد جي علائقي ورڪشاپ ڀرسان بااثر وڏيري جي پٽن ھٿان بيدردي سان زخمي ڪيل نوجوان صحافي غلام قادر شر واري واقعي جو ڊي آئي جي شھيد بينظير آباد عرفان بلوچ نوٽيس ورتو ايس ايڇ او منگلي جمن کوسي کي شوڪاز نوٽيس جاري ڊي آئي جي شھيد بينظير آباد پاران جاري ڪيل شوڪاز نوٽيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اوهان صحافي غلام قادر شر واري ايف آئي آر ۾ دير ڪئي، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ اوهان صرف خانا پوري ڪئي جنهن سبب ٻيا جوابدار گرفتاري کان اڳ واري ضمانت ڪرائي آيا جنهن لاءِ اوهان کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪجي ٿو شوڪاز جو ست ڏينهن اندر جواب نه ڏنو ته اوهان خلاف سخت محڪماتي ڪارروائي ڪئي ويندي ٻي طرف باذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته صحافي غلام قادر شر جي طبيعت اچابڪ خراب ٿي وئي جنهن کي ڪراچي اسٽال ايمرجنسي وارث کڻي ويا