مٽياري(رپورٽر) اڏيرو لال لگ ڳوٺ شير محمد ٺوڙها 10 محرم الحرام ڳوٺ شير محمد ٺوڙھا ۾ ڪربلا جي شھيدن جي ياد ۾ تاريخي جلوس امام بارگاھ غازي ابلفضل عباس تان برآمد ٿيو جيڪو پنھنجي تاريخي روٽ مطابق ٿيندي امام بارگاھ احسيني زوار سيد مصري شاھ حسيني جي حويلي تان شھزادي قاسم جي سيج برآمد ٿي جيڪا يا حسين جي صدا سان امام بارگاھ درگاھ مصري شاھ اوليا اللھ تي پھتي جٿي انجمن شيعان حيدر قرار نوحا خواني ۽ زنجير زني ڪءي آخر ۾ يا حسين جي صدا سان روٽ واپس امام بارگاھ الحسيني تي پھتو جٿي آخر ۾ شام غريبان کي زوار سيد مصري شاھ حسيني خطاب ڪيو ۽ دعا پڙھي بعد مجلس نياز امام حسين مومنين ۾ تقسيم ڪيو ويو.