سکر (بيورو رپورٽ) ڳوٺ جمال خال لاشاري جي رهواسي صحافي شاهد علي لاشاري جو بااثرن خلاف پريس ڪلب سکر آڏو احتجاجي مظاهرو ڳوٺ جمال خان لاشاري جي رهواسي صحافي شاهد علي لاشاري دانهيندي ٻڌايو ته بااثر علي حسن لاشاري، عطاءَ محمد لاشاري، شاهنواز لاشاري، محمد نواز لاشاري، گل حسن لاشاري مونکان ڪجھ عرصو اڳ چار جريب زمين خريد ڪئي هئي جنهن مان مونکي ٽن جريبن جي رقم ڏني آهي بقايا هڪ جريب جي رقم جيڪا 60 لک روپيه آهي اُها رقم گهرڻ تي مونکي موتمار ڌمڪيون ڏنيون وڃن ٿيون ۽ بقايا رقم تان هٿ کڻائڻ لاءِ چيو وڃي ٿو ۽ منهنجي گهر تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي هنن مان مونکي ۽ منهنجي گهر ڀاتين کي جان ۽ مال جو خطرو آهي وڌيڪ صحافي داهيندي ٻڌائيندي ٻڌايو ته مونکي ۽ منهنجي گهر ڀاتين کي ڪجھ به ٿيو ته ان جا ذميوار علي حسن لاشاري، عطاءَ محمد لاشاري، شاهنواز لاشاري، محمد نواز لاشاري، گل حسن لاشاري جن هوندا مان اعليٰ اختيار وزير اعليٰ سنڌ، IGP صاحب سنڌ، چيف جسٽس آف پاڪستان، ڊي آءِ جي سکر، SSP سکر، ۽ ٻين اعليٰ اختيارن کان مطالبو آهي ته مونکي انصاف ڏياري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.