چادر، گندي (پوتي)، اجرڪ ۽ لوئي اُھي سڀ ھڪ عورت جي مٿي تي ڍڪيل عزت جي علامت سمجھيو ويندڙ اسان جي معاشري ۽ مذهب ۾ احساس اخلاق آھي، جڏھن به ڪا عورت ڪنھن شاپنگ مال يا بازار يا ڪنهن به آفيس وغيره ۾ اھڙين علامتن سان داخل ٿئي ٿي ته معاشرو ۽ اسان جي سماج جا معتبر انسان ان کي ادي ڀيڻ، ڌيءَ ۽ امڙ جي نظرن سان جھڪي ڏسن ٿا، اڃان به اھڙا انسان وڏي تعداد ۾ موجود آھن، ٻي صورت ۾ جڏھن ھڪ عورت پنهنجي عزت پاڻ پنهنجي ڪلھن يا ھينڊ بيگ ۾ کڻي ڪٿي داخل ٿيندي ته ان کي اسان جو معاشرو انھن عزت وارين نظرن سان عزت ڪو نه ڏيندو، ڇاڪاڻ ته جڏھن توھان پاڻ پنهنجي عزت ڪو نه ڪندا ته معاشري کان ڪھڙي توقع رکي سگھو ٿا، اھڙن سڀني واقعن جي پويان اسان جي اُن تعليم ۽ تربيت جو وڏو عمل دخل آھي جيڪا اسان کي اڄ جي ترقي يافته دور ۾ اليڪٽرانڪ ميڍيا يا سوشل ميڊيا جي ذريعي ورثي ۾ ملي آھي. اسان ڄاڻون ٿا ته ميڊيا اسان کي شعور بخشيو آھي، ان ۾ وڏيون خوبيون آھن، پر اسان اُن جي غلط پھلوئن کي به نظر انداز نٿا ڪري سگهون، جنهن ۾ اسان به شريڪ آھيون انھيءَ جرم ۾، ڇو ته اسان مثبت شين جي جڳهه تي منفي شين ڏانهن وڌيڪَ وڃون ٿا، اُھو ائين به ڪونھي جو اڳيون دور ڪو صفا صاف شفاف ھو اڄ ئي سڀ تاديون ۽ برباديون ٿين پيون، ائين ناھي، اڳئي اسان جون نياڻيون ٻانھين جي روپ ۾، بازارن ۾ غلامن جي صورت ۾ جانورن وانگر وڪرو ٿينديون ھنيون ۽ انھن جا ريٽ لڳندا ھئا پوءِ اُھي ڀلي ڪي ڪوٺا ۽ طوائفن طور ڇو نه ھجن، پر اڄ وري اُن قسم جون سرگرميون سوشل ميڊيا جي ذريعي جلدي ڦهلجيو ٿيو وڃن، ڪجهه ڳالھائڻ جا موقعا وڌيڪ ميسر ٿيا آھن، اڳئي ته مائٽين جي روپ ۾ بدا سسٽم، سَڱُ چٽيون، عمرين جا فرق ڄاڻڻ بغير ڇوڪري اڪ کاڌي چئي ڪري ھڪدم اک ڇنڀ ۾ فيصلو ڪرڻ کي اھميت ڏني ٿي وئي، اتي وري ڪجهه ھاڻي اسان جي پنهنجي غلطين ۽ بي پردگي جي ڪري اھڙا اڻ وڻندڙ واقعا ٿين ٿا جيڪي گھڻو ڪري ڇُڙواڳِي جو وڏو ڪارڻ آھي، جيتوڻيڪ عورتن سان گڏ معصوم ننڍڙا ٻارڙا به محفوظ نٿا رھي سگھن. جنسيات جو مسئلو اڄڪلهه ايترو وڌيڪَ زور وٺي ويو آھي جنھن کان تعليمي ادارن کان وٺي پاڪيزه ھنڌ به محفوظ ناھن رھيا، مائٽ ھر وقت غمزدہ رھن ٿا جتي منشيات ۽ جنسيات جا عادي مانگرَ مڇَ بي خوف ننڍڙن جيتامڙن جو ڳچيون چيڀاٽڻ جي ڪڍ ھوندا آھن، انھن کي به ھن معاشري عادي بڻايو آھي، ھتي ھر قسم جون فيڪٽريون موجودہ عمل آھن، چڱن ڪمن سان گڏ برائي جي ڪمن جي به نرسري جاري آھي، پوءِ ننڍڙي عمر ۾ اڻ ڄاڻائيءَ ۾ پوندڙ غلط جنسي وهشي پڻو وڌي وڻ ٿيو وڃن، اُھي ئي ناسور بڻجي اھڙا واقعا جنم وٺن ٿا جنهن جي ڪري سڄي انسانيت انسان سڏائڻ کان خائف ٿي شرم کان منھن ڍڪڻ لڳي ٿي. درويش جي اڄ وارين ڳالھين صفا جيءِ جھوري ڇڏيو، ھانء ڏاري وڌو شرمساري کان دل ڏڪڻ لڳو، جيڪڏهن اھڙا انمول درويش جيڪي بغير ڪنهن مطلب جي، بغير ڪنهن تفرقي جي انسانيت جي اھڙي ريت رھنمائي ڪندا رهن ته، ھونئن ته اسان انسان وڏن ڀاڳن وارا آھيون جو اڃان انسانيت ختم ناھي ٿي فقط گوشہ نشينيءَ اختيار ڪري وئي آھي نفرتن جي خوف کان ۽ محبتن جي اڻاٺ جي ڪري، اڄ اسان روميءَ جي اوطاق مان موڪلائڻ مھل ٻئي ڏينھن اچڻ جي ھام ڀري سين.