سانگھڙ )رپورٽ( سنڌ حڪومت پاران ڪرونا ويڪسينيشن جي عمل کي وڌيڪ تيز ڪرڻ ۽ مليل ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ جي حڪم تحت ڊپٽي ڪمشنر سانگھڙ ڊاڪٽر عمران الحسن خواجا جي ھدايتن تي ضلعي سانگھڙ ۾ ويڪسينيشن جو عمل تيزي سان جاري آهي ان سلسلي ۾ پي پي ايڇ آئي بيسڪ هيلٿ سينٽر پريتم آباد پاران ڊاڪٽر نظام الدين ڀٽي جي اڳواڻي ۾ پي پي ايڇ آئي جي ھڪ موبائل ٽيم ڳوٺ حاجي علي محمد تيوڻو پھچي ڳوٺ سميت آسپاس جي رھواسين کي ڪرونا کان بچاء جي ويڪسين ڪئي. جنهن دوران 100 کان وڌيڪ ماڻھن کي ويڪسين جو پھريون ڊوز لڳايو ويو ان موقعي تي پي پي ايڇ آئي پريتم آباد جي انچارج ڊاڪٽر نظام الدين ڀٽي چيو ته ڪرونا وائرس کان بچاء جي ويڪسين ڪرائڻ لاءِ عوام تعاون ڪري ته جئين عوام کي ڪرونا جھڙي مرض کان بچائي سگھجي.