نئون ديرو شهر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد راڻي بينظير ڀٽو جو اباڻو شهر ھجڻ باوجود نڌڻڪو بڻيل، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جا وڏا نعرا وڏيون دعوائون جلسن تقريبون تائين محدود ، شهيد راڻي بينظير ڀٽو جو خواب نئون ديرو کي ماڊل سٽي بنائڻ جو اڌورو جو اڌورو رهجي ويو، پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته پيپلز پارٽيءَ جي سنڌ حڪومت ھوندي به محترمه جو خواب ته پورو نه ٿيو پر محترمه جي پنهنجي دور ۾ ڪيل ترقياتي ڪم اڄ تباهي وارو منظر ڏئي رھيان آھن ، نئون ديرو سٽي جو مين اسٽيشن روڊ جيڪو گهڻو عرصو کنڊرات جو ڏيک ڏئي رهيو ھيو سالن کان پوءِ وري پارٽي ڪجھ وقت لاءِ سجاڳ ٿي روڊ کي ڊبل ٺاهڻ جا شهرن کي آسرا مليان روڊ جو ڪم شروع ٿيو پر روڊ تي پٿريون وجهڻ کان بعد ٺيڪيدار روڊ جي تعمير لاءِ کڻي آيل سامان سميت لڏپلاڻ ڪري ھليو ويو، روڊ جي پٿرين جي مٽيءَ سبب شهرن جي زندگي عزاب ۾ روڊ رولڙي جو شڪار بڻيل ، نئون ديرو ڀرسان 20 کان مٿي ڳوٺ طرف ويندڙ لنڪ روڊ جي ڳالهه ڪجي ته روڊ تباهي جو ڏيک ڏئي رهيو آهي ان لنڪ روڊ سان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو جي ملڪيت ڀٽو فارم آھي جنهن ۾ زيتونن انبن جا باغ آھن ۽ اھڙي طرح نئون ديرو توڙي ان جي پسگردائي جي صورتحال کي ڏسي روئڻ ٿو اچي، پيپلز پارٽي جي ڳڙه واري شهر نئون ديرو جي صورتحال اھيا آھي ته ٻين شهرن جي صورتحال ڇا ھوندي؟، ھتان جي پيپلز پارٽي جو پاڻ کي سياسي ليڊر سڏائندڙن کي شايد نئون ديرو جي کنڊرات نظرئي نٿي اچي يا وري ھو نئون ديرو طرف ھڪ نظر ڏسڻ به پسند نٿا ڪن ، پيپلز پارٽيءَ جي پنهنجي حڪومت ھوندي به شهيدن جو خواب خواب ئي رھجي ويا، پيپلز پارٽيءَ جا پنهنجا ووٽرن بنيادي سهولتون کان ته محروم آھن پر ھو وارثن ھوندي به نڌڻڪا بڻيل آھن، روٽي ڪپڙا اور مڪان جو نعرو ته شايد آسان آھي پر ان کي پورو ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو، نئون ديرو جي عوام کي رليف ڏيڻ بجاءِ نئون ديرو کي کنڊر ٿو ڪيو وڃي، نئون ديرو شهر جي ٽٽل روڊن جي مٽيءَ سان شهرن جو ساہ کڻڻ به مشڪل بڻيل آھي، روڊ تي اُڏندڙ مٽي شهرن جي کاڌي پيتي جي شيون به خراب ٿين ٿيون، وڏي ڏک جي ڳالهه ته اھيا آھي ته نئون ديرو واسي پيپلز پارٽيءَ جا ووٽر ھوندي به شهر جي ترقياتي ڪمن کان محروم آھن نئون ديرو جي تباھي واري صورتحال کي محترمه جو راح به ڏسي تڙپي اٿندو ھوندو، ،پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو نوٽيس وٺي نئون ديرو جي وڌندڙ تباهي ۽ محترمه کان پوءِ لاوارث بڻيل نئون ديرو واسين جي مالڪي ڪري بنيادي سهولتون ڏنيون وڃن ۽ محترمه بينظير ڀٽو جو خواب پورو ڪري محترمه جي روح کي سڪون پهچايو وڃي…!