سکر (رپورٽ) روهڙي ۾ اڄ ساڍا پنج سئو سالا قديم شمع گل وارو ماتمي جلوس برآمد ٿيندو ان موقعي تي سڪيورٽي انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن سڪيورٽي انتظامن جو دورو ڪيو ويو آهي. ڊي آءِ جي فدا حسين مستوئي: ان موقعي تي انتظامن جو معائنو ڪرڻ لاءِ DIG سکر، SSP سکر، ڪمشنر سکر، ڊپٽي ڪمشنر سکر جو سڪيورٽي ۽ اسپتالن جو دورو اسپتالن ۾ تمام ميڊيڪل اسٽاف کي ميڊيڪل ٽريٽمينٽ بهتر بڻائڻ جون هدايتون ڏنيون ويون ان موقعي تي DIG سکر فدا حسين مستوئي جو چوڻ هيو ته سڪيورٽي ماملن تي ڪابه ڪوتائي برداشت نه ڪئي ويندي سڪيورٽي سخت کان سخت ڪئي وڃي تمام SSPs، DSPs ۽ SHOs کي هدايتون ڪيون ويون آهن ته تمام ماتمي جلوسن جو CCTV مانيٽرنگ ۽ ڊرون ڪيمرائين، واڪ ٿرو گيٽ ۽ جديد ٽيڪنلاجيز جو استعمال ڪري سڪيورٽي تسلي بخش بڻائي وڃي پوليس اهلڪار باڊي سرچنگ ۽ ڇتن تي فزيڪلي مانيٽرنگ ڪن ۽ الرٽ رهن عوام پوليس سان سڪيورٽي ماملن تي تعاون ڪري ته جيئن اڻ وڻندڙ واقعو پيش نه اچي.