ملير (رپورٽ) ملير جي يوسي 25 جي علائقي عبدالله ڳوٺ جو سيوريج نظام درست نه ٿي سگهيو ميونسيپل انتظاميه ۽ چونڊيل نمائيندا اگهور ننڊ ستل روڊن رستن تي گندو پاڻي بيٺل گندي پاڻي جي بيهڻ جي سبب مختلف بيمارين جو راڄ گزريل هفتي اختر عارفاڻي طرفان عبدالله ڳوٺ سميت مختلف علائقن جا دورا ڪنديدعويٰ ڪئي انشاء الله عبدالله ڳوٺ ۾ ترقياتي ڪمن سان گڏ پيڊسٽل برج جو به انتظام ڪيو ويندو پر هن مهل تائين ڪو کڙ تيل نه نڪري سگهيو محرم پاڪ جي ڏهاڪي دوران نڪرندڙ جلوسن کي علائقي تڪليفن سان منهن ڏيڻو پوي ٿو علائقي واسين مان احسن حفيظ ڪناسرو پاڪ سوچ اخبار سان حال احوال اوريندي چيو ته شاگردن توڙي مجلسن جي جلوسن ڏکيائن جو منهن ڏسڻو پوي ٿو اسان شڪايتن سان گڏ درخواستون ڪري ڪري تنگ اچي ويا آھيون اڃا تائين ڪو به عمل سامهون نه آيو آھي اعلي اختيارن کان مطالبو ٿا ڪريون ته ترقياتي ڪم سان گڏ سيوريج نظام ٺيڪ ڪري اسان جون پريشانيون دور ڪيون وڃن